اسلام آباد (م ڊ) مسيحي برادري جي انتظام هيٺ جاڙن شهرن ۾ ڪرسمس تقريبن جي شروعات ڪئي وئي آهي. آرچ بشپ راولپنڊي اسلام آباد ڊاڪٽر جوزف ارشد جي بين المذاهب هم آهنگي بابت خاص نمائندي ۽ امن ڪميٽي جي ميمبر بابو ساجد امين کوکر بيان ۾ چيو ته ڊسمبر جي شروعات سان گڏ ئي ملڪ جي ٻين شهرن وانگر راولپنڊي، اسلام آباد جي مسيحي برادري به ڪرسمس تقريبن جي باقاعده شروعات ڪري ڇڏي آهي. ان ڏس ۾ گرجا گهرن ۾ مخصوصي دعائن جي تقريبن سان گڏوگڏ ٻيون مذهبي رسمون به شروع ٿي ويون آهن. هن چيو ته اسان راولپنڊي پوليس ۽ ضلعي انتظاميه کان مطالبو ڪريون ٿا ته مسيحي برادري جي ڪرسمس تقريبن دوران سيڪيورٽي انتظامن کي يقيني بڻايو وڃي.