سڄي ملڪ ۾ ايڊز کان بچاءُ جو عالمي ڏينهن جمعي تي ملهايو ويو

اسلام آباد (م ڊ) ملڪ سميت سڄي دنيا ۾ ايڊز کان بچاءُ جو عالمي ڏينهن گذريل ڏينهن ملهايو  ويو. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد ايڊز جهڙي موذي مرض کان بچاءُ لاءِ احتياطي تدبيرن بابت آگاهي ۽ ماڻهن کي معلومات فراهم ڪرڻ آهي. سڄي دنيا ۾ هر سال پهرين ڊسمبر تي ايڊز کان بچاءُ جو ڏينهن ملهايو ويندو آهي، ايڊز جو عالمي ڏينهن دنيا ۾ پهريون ڀيرو 1987ع ۾ ملهايو ويو. ايڊز جي مرض کي دريافت ٿيندي 25 سالن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي، سڄي دنيا ۾ اڍائي ڪروڙماڻهن ان مرض سبب متاثر ٿي چڪا آهن ۽ وڌيڪ چار ڪروڙ ماڻهو ان مرض ۾ مبتلا آهن، جنهن کانپوءِ هي انساني تاريخ جي موذي مرضن ۾ شامل آهي. ايڊز جو هن وقت تائين ڪو به علاج دريافت نه ٿي سگهيو پر مرض جي رفتار سست ڪرڻ جون دوائون موجود آهن. انهن دوائن جي وقت سر ۽ درست استعمال سان مريض کي ڪيترائي سال زنده رکي سگهجي ٿو. طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته سڄي دنيا ۾ ايڊز جي مريضن ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي پر ملڪ ۾ ايڇ آءِ وي وائرس ۾ خطرناڪ اضافو ٿي رهيو آهي، ملڪ ۾ ايڊز پکڙجڻ جو سڀ کان وڏو سبب نشو ڪندڙ ماڻهن جو سرنج جو غلط استعمال آهي، محتاط اندازي موجب ملڪ ۾ ايڇ آءِ وي وائرس سان متاثر مريضن جو تعداد 2 لک کان وڌيڪ آهي.

ٻيهر ويڙهه جي صورت ۾ اسرائيل ڏکڻ غزه جي شهرين کي تحفظ فراهم ڪري: آمريڪا

واشنگٽن (م ڊ)  آمريڪا اسرائيل تي زور ڏنو آهي ته ٻيهر ويڙهه شروع ٿيڻ جي صورت ۾ ڏکڻ غزه جي شهرين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. برطانوي خابرو اداري رائٽرزآمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان جي بيان جي حوالي سان ٻڌايو ته پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو سان ملاقات دوران ان ڳالهه تي زور ڏنو غزه ۾ ڪنهن به فوجي ڪاروائي کان اڳ انساني ضرورتن ۽ شهرين جي تحفظ کي نظر ۾ رکيو وڃي. انٽوني بلنڪن اسرائيل تي زور ڏنو ته هو شهرين کي نقصان پهچائڻ کان بچڻ لاءِ سمورا امڪاني قدم کڻي. هن اسرائيلي وزيراعظم تي زور ڏنو ته هو اولهندي ڪناري ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ انتهاپسند آبادڪارن کي جوابده قرار ڏيڻ لاءِ فوري قدم کڻي.

وڪيل جي لباس پهريل شخص رڪشا ڊرائيور کي گوليون هنيون: اکين ڏٺا شاهد

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي شاھراھ فيصل تي رڪشا ڊرائيور کي فائرنگ ڪرڻ  واري واقعي جي اکين ڏٺن شاهدن جو وڊيو بيان سامهون اچي ويو آهي. اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ هو ته هڪ شخص کي وڪيل جي پوشاڪ پاتل ڏٺو، فائرنگ ڪندڙ سان گڏ هڪ عورت به موجود هئي، ان شخص رڪشا ڊرائيور کي بيدردي سان گوليون هنيون. اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته رڪشا ڊرائيور کي لائين مان ڪڍڻ تي ساڻس تلخ ڪلامي ٿي، رڪشا ڊرائيور چيو ته منهنجي روزي ڇو خراب ڪئي. اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته شهري رڪشا هلائيندڙ کي ڪنهن هنڌ وڃڻ لاءِ چيو ۽ پوءِ ٻئي رڪشا ۾ ويهي رهيو، جنهن تي جهيڙو ٿي پيو. اکين ڏٺن شاهدن جو وڌيڪ چوڻ هو ته وڪيل ميٽرو شاپنگ مال مان نڪتو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.