بلاول ڀٽو زرداري جو نوشهرو فيروز ٽريفڪ حادثي ۾ جيالن جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار

ڪراچي (م ڊ)  پاڪستان پيپلز پارٽي يوم تاسيسي جي جلسي ۾ شرڪت کان پوءِ  واپسي تي نوشهره فيروز پيپيلزپارٽي جي صدر  سميت پنجن ڪارڪنن ٽريفڪ حادثي جو شڪا ر ٿي ويا، بلاول ڀٽو زرداري حادثي ۾ انساني جانين جي ضايع تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي،پيپلز پارٽي ميڊيا سيل بلاول هائوس جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته فوت ٿي ويلن ۾ تعلقي صدر خليفه شڪيل ميمڻ، مير نادر چانڊيو، رضوان سومرو،گهنوٽگڙ ۽ مظفر ڀٽو شامل آهن. ڪوئٽه جلسي کان پوءِ خليفه شڪيل ميمڻ پنهنجي ساٿين سان  واپس نوشهروفيروز  اچي رهيا هوته شڪار پور ويجهو انهن جي گاڏي حادثي شڪار ٿي وئي، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته خليفه شڪيل ميمڻ ۽ فوت ٿي ويل ٻيا جيالا پارٽي جو سرمايو هئا. پارٽي انهن جي خدمتن کي هميشه يار رکندي،مون سميت سموري پارٽي ڏکويل ڪٽنبن جي غم ۾ برابر جي شريڪ آهي، بلاول ڀٽو زرداري حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جي مغفرت ۽ ڏکويل ڪٽنبن جي صبر ۽ تحمل لاءِ ڌڻي در دعا گهري.

ميرپورساڪرو واري  سيٽ جي بحالي سچ جي فتح آهي: سسئي پليجو

ٺٽو(ڊر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سسئي پليجو چيو آهي ته ميرپورساڪرو واري صوبائي  سيٽ جي بحالي حق ۽ سچ جي فتح  آهي. اليڪشن ڪميشن پاران ٺٽي ضلعي جون  ٽي صوبائي سيٽون گهٽائي 2 سيٽون ڪرڻ مقامي ماڻهن سان ناانصافي آهي. پ پ اڳواڻ موجب بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ سنڌ جي  سامونڊي پٽي سميت پوري سنڌ جي  ڀرپور خدمت ڪئي ويندي.

تحريڪ انصاف نه پر فضل الرحمان کي خطرو آهي: سرفراز بگٽي

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي گھرو وزير سينيٽر سرفراز بگٽي چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف کي ٿريٽ ناهن، مولانا فضل الرحمان کي سيڪيورٽي ٿريٽس آهن. خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي سرفراز بگٽي چيو ته عام چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، اسان شفاف چونڊن لاءِ هر طرح جي سيڪيورٽي فراهم ڪنداسين. سيڪيورٽي ٿريٽس آهن پر اسان سدائين جيان چئلينجز کي منهن ڏئي وٺنداسين. نگران وفاقي گھرو وزير جو چوڻ هوته اسان لاءِ سڀ ماڻهو عزت جي قابل آهن، سڀ پنهنجي اليڪشن مهم هلائين، پي ٽي آءِ کي ٿريٽ ناهن، مولانا فضل الرحمان کي سيڪيورٽي ٿريٽس آهن. هن چيو ته اسان جي پوزيشن اڻڌري آهي، اسان لاءِ سڀ برابر آهن اسان جي وزارت کان ميان صاحب کي ڪو به رليف ناهي مليو. سرفراز بگٽي اهو به چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جو معاملو عدالتن ۾ آهي عدالت ۾ هلندڙ معاملي تي ڳالهائڻ مناسب ناهي. هن چيو ته تاريخ ۾ ائين ناهي ٿيو ته جوابدار کي گرفتار ڪري ريسٽ هائوس ۾ رهايو ويو هجي، ائين ناهي ٿيو ته هڪ جوابدار کي ڏسي عدالت ۾ چيو وڃي ته گڊ ٽو سي يو. نگران وفاقي گھرو وزير چيو ته بلوچستان ڪافي وقت کان پوءِ پيپلز پارٽي ايترو وڏو جلسو ڪيو، ليول پليئنگ فيلڊ هئي تڏهن پ پ جلسو ڪري سگھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.