شڪارپور ڀرسان ڪوئيٽا جلسي تان واپس موٽندڙ جيالن جي گاڏي اونڌي، 5 ڄڻا فوت

نوشهروفيروز(رپورٽ: عتيق الرحمان وسطڙو) شڪارپور ويجهو ڪوئيٽا ۾ پيپلزپارٽي جي جلسي مان واپس موٽندڙ جيالن جي گاڏيءَ سان خوفناڪ حادثو پيش آيو، تيز رفتار ڪار ڪلٽي ٿي کاهيءَ ۾ ڪرڻ   سبب نوشهروفيروز واسي 5 ڪارڪن فوت ٿي ويا، فوتين ۾ نادر چانڊيو، ڳهڻو خان ٽڳڙ، مظفر ڀٽو، شڪيل ميمڻ ۽ رضوان سومرو شامل آهن، فوتين جا لاش آر بي يو ٽي سول اسپتال منتقل ڪيا ويا، پيپلزپارٽي نوشهروفيروز ضلعي جي قيادت پاران حادثي ۾ 5 ڪارڪن فوت ٿيڻ تي 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو، جڏهن ته  فوتين جا لاش نوشهروفيروز آندا ويا، چئن ڄڻن خليفا شڪيل احمد ميمڻ ڳهڻو خان تڳڙءَ، جوجي سومرو، يوٿ ونگ جي صدر نادر علي چانڊيو جي جنازي نماز پبلڪ پارڪ نوشھروفيروز ۾ ادا ڪئي وئي، جڏهن مظفر ڀٽو جي جنازي نماز محبت ديرو جتوئي ۾ ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾  پيپلزپارٽي اڳواڻ ممتاز چانڊيو، سيد حسن علي شاهه، چيئرمين ضلعي ڪائونسل سهيل اختر عباسي، سنڌ جي وڏي وزير جو اڳوڻو صلاحڪار مولا بخش مبيجو، علي شير ڀرٽ، سميت مقامي اڳواڻن شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.