بابر اعواڻ جو بيان حقيقتن جي ابتڙ آهي: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد ( م ڊ )  اليڪشن ڪميشن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻ بابر اعواڻ جو خيبرپختونخواهه ۾ قومي اسيمبلي جون سيٽون گهٽ ڪرڻ جو بيان حقيقتن جي ابتڙ آهي. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان بابر اعواڻ  جي بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته هي بيان کل جوڳو ۽ عوام جي ذهنن ۾ مونجهارو پيدا ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش آهي. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو آهي ته 25هين ترميم 2018ع تحت اڳوڻي فاٽا کي خيبرپختونخواهه ۾ ضم ڪيو ويو، ان کانپوءِ فاٽا جون 12 قومي اسيمبلي جون سيٽون ختم ڪيون ويون ۽ خيبرپختونخواهه جون 6 سيٽون وڌايون ويون. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو آهي ته خيبرپختونخواهه جي قومي اسيمبلي جي سيٽن جو انگ 39 مان وڌي 45 ٿي ويو آهي، جڏهن ته صوبائي اسيمبلي جون 16 جنرل سيٽون وڌائي 99 مان 115 ڪيون ويون آهن. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان وڌيڪ چيو آهي ته هڪ وڪيل جي حيثيت سان بابر اعواڻ کي آئين ۽ قانون کان ٻاهر ڪجهه نه ڪرڻ گهرجي، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي سيٽن جو تعين ڪرڻ پارليامينٽ جو اختيار آهي. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو ته اليڪشن ڪميشن تڪ بندين کي آئين موجب مختص ڪيل سيٽن موجب ورهايو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.