سماج ۾ وڌندڙ ذھني اذيت

تحرير: غلام مهدي بلوچ

انسان ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين ذھني اذيتن جو شڪار ڪيئن ۽ ڇو پيو رھي خاص ڪري فتح ٿيل ملڪن ۾ رھندڙ غلام قومون ئي ذھني اذيتن جو شڪار رھن ٿيون، ڇاڪاڻ ته غلام ٿيل قومن تي پھرين فاتح ڏڪار وجهن ٿا پوءِ ان ڏڪار جو فاعدو وٺندي مذھب مڙھين ٿا. مذھبي دانشور وري غلام قومن کي مختلف خدائن جو داٻو ۽ دھمان ڏئي يا ته چپ ٿا ڪرائين يا وري ڪوڙو دلاسو ٿا ڏين.

اھو سلسلو اڄ ڪلهھ جي ڳالھه ناھي پر دنيا ٺھڻ کان وٺي ھن وقت تائين لاتعداد مذھب ٺھيا ۽ انھن مذھبن جا رکوالا ڊپ ۽ لالچ ڏيندا قومن کي غلام ڪندا آيا آھن، جن جا ڪيئي مثال آھن پر ڇا جمھورت انسان کي ذھني اذيت مان ڪڍي سگهي آھي؟ ان جو جواب ڳولھڻ مشڪل سان گڏ آسان به آھي ڇاڪاڻ ته جمھوريت آزاد قومن جو نظريو رکندي آھي ۽ جمھوريت ۾ ھر مذھب جي پوڄيندڙ ۽ مذھب جي انڪاريءَ کي برابر جو درس ڏيندي آھي. اھڙي طرح جن جن ملڪن ۾ جمھوريت ھڪ سٺي انداز ۾ قائم آھي ان ملڪ ۾ ذھني  اذيتن ۾ گذاريدڙ انسان گهٽ ملن ٿا. پاڪستان ۾ ذھني  اذيتن جو شڪار ماڻھو گهڻي ڀاڱي آھن ان جو مثال ڪو ڏاھو ئي ٻڌائي سگهي ٿو پر پنھنجي نظر ۾ 80 سيڪڙو ماڻھو ذھني اذيتن جو شڪار آھن پوءِ اھا ڳالھه ڪوئي مڃي يا نه مڃي. ذھني اذيتن جو شڪار ته ھي ڪالم لکندڙ آءُ پاڻ به ٿي سگهان ٿو ۽ پڙھندڙ به ٿي سگهي ٿو.

پاڪستان کي ظاھري طور آزاد ٿيندي مُني صدي ٿي چڪي آھي پر جمھوريت جي نالي تي ھڪ اھڙي آمريت لاڳو ٿيل آھي جو زبردستي چوڻو ٿو پوي ته ھي جمھوريت ئي آھي، بلڪل اھڙي طرح جھڙي طرح اسان جي مٿي تي پستول چيمبر ڪري رکي ۽ چوي ته ھاٿي اڏندي آ يا نه ته اسان چئون بلڪل ھا مون ڪالهھ به ڏٺي ھئي لياري کان اڏي ملير ڪينٽ لٿي. ھن دور جي پاڪستان ۾ ته ھر نوجوان کي ذھن ۾ عاشقي، پيسو، منشيات، آءِ فون ۽ گاڏي ھجڻ جو جن سوار آھي. جيڪڏھن ڪو امير آھي ته اھو پنھنجي اولاد کي ٻاھرين ملڪ تعليم وٺڻ لاءِ ذھني  اذيت پيو برداشت ڪري ۽ جيڪڏهن غريب آھي ته ٻچن جو پيٽ پالڻ لاءِ پريشان آھي. امير جو ٻار جيڪڏھن آئيس، ڪوڪين، وائين، وِيڊ ۽ ٻي مھانگي منشيات واپرائي پاڻ کي اذيت ۾ وجهي ٿو ته غريب جو ٻار به ڀنگ، چرس، ھيرون ۽ ٺرو (ڪچو شراب) واپرائڻ کان نه ٿو مُڙي. اھي سڀ جا سڀ نوجوان جيڪي منشيات واپرائڻ واري ڌنڌي ۾ ملوث آھن اھي سڀ ذھني  اذيت جو شڪار آھن. ٻي طرف عاشق پُٽ انھن ۾ ڇوڪريون توڙي ڇوڪرا جيڪي وڏي انگ ۾ عاشقي جي چڪر ۾ ڦاٿل آھن اھي به ذھني  اذيت جو شڪار آھن. جيڪڏھن ڳالھه ڪجي سرڪاري توڙي نجي ادارن جي ملازمن جي ته اھي به پنھنجي پنھنجي بوس (سيٺ) جي حڪمن جا پابند ھجڻ سبب ذھني  اذيت جو شڪار رھن ٿا. ھاري اگھه نه ملڻ سبب، غريب شاگرد ميرٽ نه ھجڻ سبب، نوجوان پيسن تي نوڪريون وٺڻ ۽ نه وٺڻ سبب، پوڙھا ۽ پوڙھيون علاج نه ٿيڻ سبب، اخباري مالڪ اشتھار نه صحافي پگهارون نه ملڻ سبب، احتجاج ڪندڙ ڪوريج نه ملڻ سبب ۽ سرڪاري ڪامورا ڪرپشن ۾ پڪڻڻ سبب ذھني  اذيت جو شڪار رھن ٿا.

اھڙي طرح ھر اداري ۾ نانگ وانگر ڦَر ڪڍي ويھندڙ ڪامورا پنھنجي ٻارن جي عياشين ۽ شاھي زندگي مينيج ڪرڻ سبب پريشان آھن. ڳالھه چوڻ جي ته ھن ملڪ ۾ گهٽ اڪثريت رکندڙ مذھبن جا ماڻھو گهڻائي واري کان پريشان ٿي ذھني  اذيت ۾ آھن ته مسلمان وري فرقاواريت واري معاملي ۾ ھڪ ٻئي کان ڊپ کائي ذھني اذيت ۾ گزاري ٿو. جيڪڏهن ھر ڪو ذھني اذيت ۾ گذاري پيو ته آخر خوش ڪير آھي؟

درحقيقت خوش ته اھي ماڻھو آھن جيڪي ھن سڀني ذھني مريضن جي حفاظت ڪندي پنھنجي جان جوکي وجهي انھن جو خيال ٿا ڪن ته متان ڪو ٻاھريون ماڻھو اچي ھنن کي ختم ڪري ڇڏي، اھڙي طرح اسان جا جوان انساني جانيون بچائڻ ۾ مصروف عمل آھن، جنھن سبب اهي ذھني اذيت کان پاڪ رھن ٿا. ان لاءِ ته الله پاڪ چوي ٿو ته جنھن ھڪ انسان جي جان بچائي ان پوري انسانيت بچائي…

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.