توشه خانه فوجداري ڪيس، عمران خان جي سزا خلاف اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد ( م ڊ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ توشه خانه فوجداري ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي سزا خلاف اپيل 30 نومبر تي  ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين جو فيصلو معطل ڪرڻ جي متفرق درخواست به ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس طارق محمود جهانگيري اپيل تي ٻڌڻي ڪندا. عدالت گذريل ٻڌڻي تي هڪ الڳ درخواست تي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) کي نوٽيس جاري ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.