اسلام آباد ( م ڊ ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي 30 نومبر تي پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. ڪاز لسٽ موجب چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف توهين جوڳي بيان ڏيڻ تي اليڪشن ڪميشن عمران خان تي 30 نومبر تي فرد جرم لاڳو ڪندي. عمران خان کانسواءِ تحريڪ انصاف جي ٻين اڳوڻن اڳواڻن اسد عمر ۽ فواد چوڌري کي به ساڳئي ڪيس ۾ 30 نومبر تي پيش ٿيڻ جا نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.