ڪراچي ( رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي ۾ شاھراهه فيصل ٿاڻي جي حد گلستان جوھر موڙ تي واقع راشد منهاس روڊ تي قائم آر جي شاپنگ سينٽر مال ۾ اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا اطلاع ملندي واقعي واري جاءِ تي پوليس ، رينجرز ، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اھلڪار سميت ريسڪيو ٽيمن جا رضاڪار پھچي ويا ۽ ريسڪيو ٽيمن امدادي ڪاروايون شروع ڪندي شاپنگ مال ۾ فوت ٿي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال فوري طور تي منتقل ڪيو. فائر برگيڊ عملدارن موجب باهه عمارت جي ڇھين ماڙ کان چوٿين ماڙ تائين پکڙجي وئي، جنهن سبب درجنين دڪان سڙي رک ٿي ويا، جڏهن ته گهڻ ماڙ شاپنگ مال ۽ ڀرپاسي جي عمارتن جي بجلي معطل ڪئي وئي آهي. ريسڪيو عملدارن جو چوڻ آهي ته عمارت مان 42 ماڻهن کي بچايو ويو آهي، پر 11 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته ٻين 9 ماڻهن کي بيهوشي جي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. فائر برگيڊ عملدارن موجب 12 گاڏين، 2 اسنارڪلن ۽ 50 فائر فائٽرن جي مدد سان باهه تي ضابطو آڻڻ جون ڪوششون ڪيون زخمين کي بيهوشي جي حالت ۾ اسپتال نيو ويو، جن کي اسپتال آندو ويو، جن مان 2 ڄڻن جي حالت نازڪ آهي. جناح اسپتال جي حادثن واري شعبي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ٻڌايو ته فوت ۽ زخمين ۾ سڀ مرد آهن، فوتين ۽ زخمين جي عمر 22 کان 43 سالن جي وچ ۾ آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته باهه لڳڻ جو سبب اڃا تائين معلوم نه ٿي سگهيو آهي، ٻئي پاسي سنڌ جي نگران وڏي وزير مقبول باقر ڪراچي ۾ شاپنگ سينٽر کي باهه لڳڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو، ڪمشنر ڪراچي کان رپورٽ طلب ڪئي وئي، نگران وڏي وزير پاران واقعي جي زخمين کي فوري طبي امداد فراهم ڪرڻ جون هدايتون، ڊي سي اوڀر سي ايم هائوس ڏانهن اماڻيل پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته باهه لڳڻ دوران 22 ماڻهن کي ريسڪيو ڪري جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، اسپتال منتقل ڪيلن مان هڪ ڄڻي اسپتال ۾ دم ڏنو، باهه لڳڻ بعد پنجين ۽ ڇهين ماڙ کي ڪليئر ڪيو پيو وڃي،جڏهن ته نگران وزير صحت سنڌ ڊائريڪٽر جنرل ھيلٿ ڊاڪٽر وقار سان رابطو ڪري شاپنگ مال ۾ لڳندڙ باھ بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي،جڏهن ته سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ڪمرشل ۽ سرڪاري آفيسن ۾ سيڪيورٽي جا انتظام نه هجڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ان جو سخت نوٽيس ورتو آهي. هن چيو ته ڪمرشل ۽ سرڪاري آفيسن ۾ باهه لڳڻ جي واقعن ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيون آهن، خاندان تباهه ٿي ويا آهن ۽ لاڳاپيل خانگي ۽ سرڪاري ملڪيتن کي به تمام گهڻو نقصان پهتو آهي. وڏي وزير چيو ته اهڙن واقعن جو وڏو سبب اهو آهي ته اسان انسپيڪشن سسٽم کي ڇڏي ڏنو آهي. نگران وڏي وزير چيو ته مون انسپيڪشن سسٽم تيار ڪيو آهي جنهن تحت سمورن تنصيبات، آفيسن، ڪمرشل عمارتن ۽ عوامي هنڌن جو سائنسي ۽ منظم طريقي سان معائنو ڪيو ويندو. نگران وڏي وزيرايس بي سي اي، پي ڊي ايم اي، سول ڊفينس ۽ لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنر/ اسسٽنٽ ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته هو سمورين سرڪاري ۽ ڪمرشل عمارتن، تعليمي ادارن ۽ سرڪاري آفيسن جو سيفٽي آڊٽ ڪيو وڃي ۽ سفارشن سميت رپورٽ پيش ڪئي وڃي. جسٽس مقبول باقر وڌيڪ چيو ته اڪثر ڪمرشل عمارتن توڙي سرڪاري آفيسن به باهه وسائڻ وارا اوزار لڳائڻ بند ڪري ڇڏيا آهن، ان ڪري جڏهن باهه لڳندي آهي ته ان کي وسائڻ جو ڪو به فوري نظام يا طريقيڪار ناهي. وڏي وزير ڪمشنر ڪراچي کي ڊالميا جي متاثر شاپنگ مال ۾ باهه لڳڻ واري واقعي جي جاچ ڪرڻ جي به هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته هي انتهائي افسوسناڪ واقعو آهي جنهن ۾ قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيون. هن ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته سڄي واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي ته جيئن ضروري ڪارروائي ڪري سگهجي، هوڏانهن ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪنٽونمينٽ بورڊ جو عملو باهه لڳڻ کانپوءِ ڇو پهتو؟ راشد منهاس روڊ تي شاپنگ مال ۾ باهه لڳڻ کانپوءِ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب واقعي واري هنڌ جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جنهن هنڌ باهه لڳي اها ڪي ڊي اي ۽ ڪي ايم سي جي دائري ۾ نٿي اچي. هن چيو ته ڄاڻايل جڳهه ڪنٽونمينٽ بورڊ جي آهي پر ان باوجود اسان جي ٽيم واقعي واري هنڌ پهچي باهه تي ضابطو آندو. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڪنٽونمينٽ بورڊ جو عملو ڇو نه پهچي سگهيو؟ هن چيو ته ميمڻ ڳوٺ ۾ ڇوڪري جو گٽر ۾ ڪري وڃڻ افسوس جوڳو آهي. منشيات جي عادين پاران مين هول جا ڍڪ چوري ڪيا ويا آهن. ڪمشنر ڪراچي سليم راجپوت ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عمارت ۾ ايگزٽ ۽ فائر الارم سسٽم ناهي، جنهن سبب عمارت کي باهه لڳي وئي. هن چيو ته آچر کان ڪراچي جي شاپنگ سينٽرن جو دورو ڪيو ويندو، جن شاپنگ مالز ۾ فائر الارم ۽ ايگزٽ نه هوندا انهن کي سيل ڪيو ويندو،