آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِگرفتار بيگناهه ڪارڪن آزاد ڪرائن: شيخ رشيد

اسلام آباد ( م ڊ ) اڳوڻي سڌ سماءَ واري وزير شيخ رشيد آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ نديم انجم کي درخواست ڪندي چيو آهي ته 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث ڪيل بيگناهه ڪارڪنن جي بازيابي لاءِ بورڊ جوڙي کين آزاد ڪيو وڃي. هن چيو ته گرفتار ٿيل بيگناهه ماڻهن جي گهرن جون حالتون ٺيڪ نه آهن. شيخ رشيد چيو ته هو پاڻ 12 اپريل کان 12 مئي تائين ملڪ کان ٻاهر رهيو پر ان باوجود مٿس 60 کان وڌيڪ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.. هن چيو ته هو 5 ڏينهن کان راولپنڊي جي عوام جي وچ ۾ آهي ۽ ان دوران هن محسوس ڪيو آهي ته عوام جو بنيادي مسئلو ٻارن جي فيس، بجلي جو بل، اٽو ۽ مهانگائي آهي. شيخ رشيد موجب معيشت تي ڌيان ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي. چونڊون جلد ٿيڻ گهرجن، ان سان معيشت بهتر ٿي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته ماڻهن جو مسئلو گهر هلائڻ آهي. شيخ رشيد موجب چونڊن واري ڏينهن غش ۽ عش وچ ۾ مقابلو ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.