ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٽقافت ۽ سياحت کاتي ۾ ڪروڙون رپين جي ڪرپشن ريفرنس جي جوابدار اڳوڻي ايم ڊي ٽورزم روشن قناصري جو نالو اي سي ايل ۾ داخل ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. نيب جي وڪيل پاران جواب جمع ڪرائڻ جي مهلت طلب ڪئي وئي آهي. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 24 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.نيب پاران موقف اختيار ڪيو ويو ته سنڌ ۾ ثقافت کاتي پاران روشن قناصري ڪم ڏنو ويو جنهن ڪو به ڪم نه ڪيو، جنهن سبب 4 ڪروڙ 85 لک رپين جو قومي ناڻي کي نقصان پهتو.