اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ سينيٽر اسحاق ڊار نگران حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته دهشتگردي واري معاملي تي ان ڪئمرا بريفنگ ڏني وڃي. سينيٽ اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي اسحاق ڊار جو چوڻ هوته اسان ماضي ۾ دهشتگردن خلاف ضرب عضب جو فيصلو نواز شريف حڪومت ۾ ٿيو، 2013 کانپوءِ دهشتگرد ڪارروائين ۾ گهٽتائي آئي پر وري 2018 کانپوءِ پاليسي ۾ تبديلي آئي. اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته افغانستان ۾ طالبان حڪومت آئي ته اسان جا ذميوار اتي پهتا، ڪابل ۾ انڊراسٽينڊنگ تحت سوين سخت دهشتگردن کي پاڪستاني جيلن مان آزاد ڪيو ويو. هن وڌيڪ چيو ته اسان پاليسي تي يوٽرن ورتو ۽ خطرناڪ دهشتگردن جي آزادي کانپوءِ ملڪ ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ اضافو ٿيو آهي.