ٽنڊوالهيار ( رپورٽ : حسرت لغاري ) ٽنڊوالهيار ۾ جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي ۽ جيئي سنڌ محاذ پاران سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. جيئي سنڌ محاذ اڳواڻ رياض چانڊيو، جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنهل ساريو، سورهيه سنڌي، نواز شاهه ڀاڏائي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾سول اسپتال ٽنڊوالهيار کان شاھه لطيف گيٽ تائين ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ سول سوسائٽي، ڪارڪنن توڙي شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته نگران حڪومت پاران ڌارين جي نيڪالي لاءِ کنيل قدم ساراھه جوڳا آهن، پر سنڌ اندر 75 لکن کان وڌيڪ ڌاريا آباد آهن ۽ سمورن ڌارين کي فوري طور نيڪالي ڏني وڃي. اڳواڻن چيو ته سنڌ اندر پوليس ڌارين کي گرفتار ڪري رشوت وٺڻ بعد آزاد ٿي ڪري ڇڏي، جيڪو شرمناڪ عمل آهي. گهرو کاتي پاران جاري ڪيل لسٽ موجب ٽنڊوالهيار ۾ 433 کان وڌيڪ ڌاريا آباد آهن جنهن باوجود پوليس هن وقت تائين صرف ٻن ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي. انتظاميا پاران قائم ڪيل هولڊنگ سينٽرن تان انتظاميا پاڻ غائب آهي، هنن چيو ته آصف زرداري چوي ٿو، افغاني ڪيڏانهن ويندا،کين رهڻ ڏيو ، جيڪڏهن آصف زرداري کي ڌاريا عزيز آهن ته بلاول هائوس ۾ ڇو نٿو رهائي. هنن چيو ته پيپلز پارٽي کي واضح پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا ته سنڌ ڪو يتيم خانو ناهي، اڳواڻن ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته 26 نومبر تي حيدرآباد ۾ ڌارين جي سنڌ نيڪالي لاءِ مارچ ڪيو ويندو جنهن جي شروعات ٽنڊوالهيار کان ٿي چڪي آهي. هنن وڌيڪ چيوته سنڌ مان هن وقت روزاني 100 افغاني به نه پيا نڪرن، پوليس ۽ آفيسر رشوت کائي رهيا آهن. قائم ڪيل ڪئمپون خالي پيون آهن جڏهن ته پنجاب، ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ تيزي سان آپريشن هلي رهيو آهي. اڳواڻن چيو ته سنڌي ماڻهو پنهنجي وطن ۾ ڪنهن به صورت ۾ ڌارين کي برداشت نه ڪندا، ڌاريا منشيات سميت مختلف ڏوھن ۾ ملوث آهن. هنن نگران حڪومت کان گهر ڪئي ته سنڌ ۾ ترسيل ڌارين کي ترت نيڪالي ڏني وڃي.