ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) باقر سنڌ جي صحت ۽ لائيو اسٽاڪ کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته بلوچستان ۾ ڪانگو وائرس جي تازي پکڙجڻ کي نظر ۾ رکندي سنڌ جي سرحدي ضلعن ۾ احتياطي اپاءَ ورتا وڃن. وڏي وزير چيو ته بلوچستان ۾ ڪانگو وائرس جي تازي پکڙجڻ سبب بلوچستان جي ويجهو سنڌ جي سرحدي ضلعن جهڙوڪ دادو، شهدادڪوٽ، ڪشمور ۽ جيڪب آباد ۾ خدشا پيدا ٿيا آهن ۽ سرحد پار اچ وڃ سبب امڪاني خطرن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. جسٽس باقر چيو ته ڪانگو وائرس جي منتقلي جي مکيه طريقن ۾ ڍور ۽ متاثر جانورن جو انسانن سان ويجهو لاڳاپو آهي. هن صوبائي صحت ۽ لائيو اسٽاڪ کاتن کي هدايت ڪئي ته هو خاص طور تي بلوچستان سان ملندڙ سرحدي ضلعن ۽ تعلقن ۾ نگراني کي تيز ڪن. نگران وڏي وزير صحت ۽ لائيو اسٽاڪ کاتي ۽ ضلعي انتظاميا کي هدايت ڪئي ته احتياطي تدبيرن بابت عوامي آگاهي مهم شروع ڪئي وڃي جنهن ۾ جراثيم مار دوائن جي استعمال ۽ چوپائي مال جي منڊين خاص ڪري سرحدي علائقن جي نگراني ڪئي وڃي.