توشه خانه ڪيس: نواز شريف جي ضبط ڪيل ملڪيت واپس ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد  ( م ڊ )  اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف توشه خاني ريفرنس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي. اسلام آباد جي احتساب عدالت توشه  خانه ريفرنس ۾ مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف جي ملڪيت ضبط ڪرڻ جا حڪم واپس وٺي ڇڏيا، عدالت ضبط ڪيل ملڪيت ۽ اثاثا واپس ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. احتساب عدالت جي جج محمد بشير نواز شريف جي ملڪيت واپس ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. عدالت نواز شريف جون ملڪيتون، گاڏيون ۽ بئنڪ اڪائونٽس واپس ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. واضح رهي ته احتساب عدالت آڪٽوبر 2020ع ۾ توشه خانه ريفرنس ۾ نواز شريف کي اشتهاري قرار ڏيندي ملڪيت ضبط ڪرڻ جا حڪم ڏئي ڇڏيا هئا، جنهن بعد لاهور ۾ نواز شريف جي 1650 ڪنال کان وڌيڪ زرعي زمين ۽ لگزري گاڏيون ضبط ڪيون ويون هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.