سيوهڻ جي عدالت تانيا خاصخيلي جي خون جو محفوظ ڪيل فيصلو نه ٻڌايو

سيوھڻ (ن ع آ ) سيوهڻ جي عدالت جهانگارا ۾ 6 سال اڳ وحشياڻي انداز ۾ قتل ڪيل نوجوان ناري تانيا خاصخيلي جي خون جو  محفوظ ڪيل فيصلو نه ٻڌايو، عدالت محفوظ ڪيل فيصلو 20 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو آهي 6 سال اڳ شادي کان انڪار ڪرڻ تي جوابدار خانو نوحاڻي گهر ۾ گهڙي ڪلاشن ڪوف جا برسٽ هڻي تانيا خاصخيلي کي قتل ڪيو هو، تانيه خاصخيلي جي امڙ فوت ٿي چڪي آهي شهيد ٿيل تانيا جو ڪيس سندس ڀيڻ دعا خاصخيلي وڙهي رهي آهي، دعا خاصخيلي جو چوڻ آهي ته عدالت مان انصاف جي پوري اميد آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.