گلشن حديد لڳ اسٽيٽ ايجنسي تي قتل ٿيل ٻن ڄڻن جي وارثن جو ڌرڻو

ملير (ڊ ر) ملير جي علائقي گلشن حديد ويجهو سومار ڳوٺ ۾ سوا مهينو اڳ ذوحا اسٽيٽ ايجنسي تي ويٺل زوار کوکر ۽ عطر جوکيو کي ٻن موٽر سائيڪل هٿياربندن سرعام اسٽيٽ ايجنسي ۾ داخل ٿي گوليون هڻي قتل ڪري علائقي ۾ ڏهڪاءُ ڦهلائي ڇڏيو سوا مهينو گذرڻ باوجود قاتل گرفتار نه ٿيڻ تي اسٽيل ٽائون پوليس خلاف ۽ قاتلن  جي گرفتاري جي لاءِ آصف رضا، امام الدين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سومار ڳوٺ وٽ نيشنل هاءِ وي قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويو ڌرڻي دوران گاڏين جون قطارون لڳيون ويون ان موقعي تي مقتول جي وارثن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ماڻهن کي سرعام قاتلن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو جنهن جي ايف آءِ آر اسٽيل ٽائون ۾ داخل ٿيل آهي جنهن ۾ اي ٽي سي قلم به پوليس ناهن لڳايا ۽ هن مهل تائين مک جوابدار گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي ۽ ايف آءِ آر ۾ نامزد جوابدار اسان کي قتل جون ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن ۽ اسان جي جان کي خطرو آهي پوليس جو اسان جو قتل لوڙهي رهي آهي هنن چيو ته اسان جي ڪيس ۾ اي ٽي سي قلم به ناهن لڳايا ويا جنهن جي ڪري اسان مطالبو ڪيون ته اسان جي نئين سر ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي جنهن ۾ دهشتگردي جا قلم پڻ شامل ڪيا وڃن هنن چيو ته اسٽيل ٽائون جاچ پوليس جي نااهلي سبب سوا مهينو گذري وڃڻ باوجود به جوابدار گرفتار ناهن ٿي سگهيا انهي ڪري اسان مطالبو ڪريون ٿا ته اسان کي تحفظ ڏيڻ سان گڏوگڏ اسان جو ڪيس سي ٽي ڊي حوالي ڪري قاتل کي جلد گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.