ڪراچي(رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان پ پ ڪراچي ڊويزن جي صدر سعيد غني سميت مخلتف اڳواڻن الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون آھن. پ پ ڪراچي ڊويزن جي صدر سعيد غني پارٽي چئيرمين سان بلاول هائوس ۾ ملاقات ڪئي، ان موقعي تي پيپلز پارٽي جي عورت شعبي جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر به موجود ھئي، ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جڏهن ته پ پ سکر جي نوجوان اڳواڻ بئريسٽر ويرم مهر پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي سکر جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر سيد جاويد شاهه بلاول هائوس ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي، پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان اڳوڻي قومي اسيمبلي جي ميمبر حڪيم بلوچ پنهنجي پٽ بابر بلوچ سان بلاول هائوس ۾ ملاقات ڪئي، ان موقعي تي ملير ضلعي جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان سنڌ حڪومت جي اڳوڻي وزير گيانچند ايسراڻي سندس پٽ ڪمل راج ايسراڻي سان بلاول هائوس ۾ ملاقات ڪئي، ان موقعي تي ڄامشوري ضلعي جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.بلاول ڀٽو زرداري سان دل جي ماهر ڊاڪٽر نديم قمر بلاول هائوس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گذريل سالن ۾ سنڌ جي صحت جي شعبي ۾ ٿيل هاڪاري اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.بلاول ڀٽو زرداري سان پ پ لاڙڪاڻو ڊويزن جي صدر اعجاز خان جکراڻي بلاول هائوس ۾ ملاقات ڪئي، ان موقعي تي شڪارپور، ڪنڌڪوٽ، قمبر شهدادڪوٽ، لاڙڪاڻو ۽ جيڪب آباد جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.