اسرائيلي اختيارين موجب ست آڪٽوبر جي صبح سوير ويڙهاڪ گروپ حماس اسرائيل تي ھڪ غير معمولي حملو ڪري 1400 ماڻهو ماري ڇڏيا ۽ 200 کان وڌيڪ يرغمال بڻايا.ان ڏينهن کي ھڪ مھيني کان وڌيڪ وقت گذري ويو آھي. غزا جي پٽي تي اسرائيل جي هوائي۽ زميني حملي ۾ هزارين ماڻهو مارجي ويا آهن ۽ علائقو تباھ ٿي ويو آهي.
برطانيا، آمريڪا ۽ يورپي يونين حماس کي بندش وڌل دھشتگرد تنظيم قرار ڏئي ڇڏيو آهي.اسرائيلي اختيارين موجب 7 آڪٽوبر تي مارجي ويلن مان 1159 فوتين جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي. 828 عام شهري ۽ 31 ٻار ھئا.ٻئي طرف فلسطين ۾ غزا ۽ والاريل اولهھ ڪناري ۾فوتين جو انگ غير معمولي حد تائين پهچي ويو آهي.فلسطين جي صحت واري وزارت پاران 6 نومبر تي جاري ڪيل انگن اکرن موجب اسرائيلي حملن ۾ 10 هزار کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا آهن( اھو تعداد ھن وقت 11ھزار کان وڌي ويو آھي) جن ۾ 4 هزار 100 ٻار به شامل آهن. جنهن جو مطلب آهي ته هر ڏهن منٽن ۾ سراسري طور هڪ ٻار قتل ٿي رھيو آهي.
7 آڪٽوبر تي حماس حملي کانپوءِ وڏي تعداد ۾ اسرائيلي ۽ غير ملڪي شهرين کي يرغمال بڻايو.اسرائيلي اختيارين موجب حماس جي قبضي ۾ لڳ ڀڳ 242 اسرائيلي ۽ غير ملڪي آهن، جن ۾ 30 کان وڌيڪ ٻار به آهن.حماس جو چوڻ آهي ته غزا تي اسرائيلي حملن ۾ 57 يرغمالي مارجي ويا آهن.
20 آڪٽوبر کان وٺي حماس چئن يرغمالين کي آزاد ڪيو آهي، جن ۾ هڪ 17 سالن جو نوجوان به شامل آهي.اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته هنن 29 آڪٽوبر تي زميني آپريشن دوران هڪ اسرائيلي سپاهي خاتون کي ڇڏايو آھي. جيڪا 7 آڪٽوبر کان يرغمال هئي.
غزا جي اڌ کان وڌيڪ آبادي لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي چڪي آهي. غزا جي پٽي ۾ 22 لکن کان وڌيڪ ماڻهون رھن ٿا. متاثرن ۾ لڳ ڀڳ اڌ کان وڌيڪ ٻار آهن. 13 آڪٽوبر تي اسرائيل شھرين کي غزا کي خالي ڪري ڏکڻ علائقي ڏانهن منتقل ٿيڻ جي تنبيھھ ڪئي ھئي. اسرائيلي هوائي حملن ۾ هڪ مهيني اندر ٻھ لک گھر تباهه ٿي ويا آهن.گڏيل قومن ۽ فلسطيني اختيارين جي انگن اکرن موجب 5 نومبر تائين غزا ۾ لڳ ڀڳ 15 لک ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن، جيڪي اسڪولن، گرجا گهرن، اسپتالن،گڏيل قومن ۽ سرڪاري عمارتن ۾ پناهه ورتل آهن يا وري جن وٽ گھر آھن انھن ٻين ماڻھن کي گھرن ۾ پناهه ڏني آھي.غزا مان نڪرڻ مقامي ماڻهن لاءِ ڪو آپشن ناهي.اسرائيل رڳو پريشر رکڻ چاھي ٿو
فلسطيني وزارت صحت جو چوڻ آهي ته 5 نومبر تائين غزا جي پٽي ۾ 35 مان 16 اسپتالون (46 سيڪڙو) ۽ 76 مان 51 طبي مرڪز اسرائيلي حملن يا ٻارڻ جي کوٽ سبب بند آهن.فلسطين جي صحت واري وزارت موجب اسرائيلي حملن ۾ لڳ ڀڳ 50 ايمبولينسز کي نقصان پهتو،31 خراب ٿي ويون آھن. گهٽ ۾ گهٽ 175 هيلٿ ورڪرز مارجي ويا آھن.گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته غزا ۾ امدادي ايجنسي UNRWA لاءِ ڪم ڪندڙ عملي جا گھٽ ۾ گھٽ 88 ڪارڪن ۽ سول ڊفينس جا 18 ڪارڪن مارجي ويا آهن.جيتري قدر صحافين جو تعلق تھ 5 نومبر تائين 46 مارجي ويا آهن. جنيوا ڪنوينشن 1949 تحت انھن جي حفاظت ۽ ڪم کي تحفظ فراھم ڪيو ويو آھي.
صحافين جي عالمي تنظيم ڪميٽي، ٽو پروٽيڪڪٽ جرنلسٽس موجب غزا جنگ ۾ صحافين لاءِ گذريل ٽن ڏهاڪن ۾ سڀ کان وڌيڪ خطرنا صورتحال آهي. جيڪي ماڻھو ھن وقت تائين تازي جنگ م بچي ويا آھن.انھن لاءِ غزا ۾حياتي گھڻي ڏکي ٿي وئي آھي. خوراڪ، پاڻي جي کوٽ ۽ صحت جا خطرا آھن.
گڏيل قومن جي عالمي صحت واري تنظيم آڪٽوبر جي وچ ڌاري چيو ھو ته غزا ۾ خاندانن ۽ ٻارن کي کائڻ، پيئڻ ۽ صفائي لاءِ في ماڻهون کي رڳو ٽي ليٽر پاڻي ملي ٿو.جڏھن تھ ھر ماڻھون جي گهٽ ۾ گهٽ 15 ليٽر پاڻي جي ضرورت آھي.