اسد شاهه جا جزا ميچ ٿيڻ واري رپورٽ فراهم ناهي ڪئي وئي: فريادي ڌر جو وڪيل

ڪراچي ( م ڊ ) راڻيپور جي حولي ۾ مارجي ويل معصوم فاطمه ڦرڙو ڪيس ۾ فريادي ڌر جي وڪيل صفدر ڪناسرو جو چوڻ آهي ته  نگران قانون وارو وزير عمر سومرو شروع کان ڪيس کي ڏسي رهيو آهي، اهو ذميوار ماڻهو آهي اميد آهي ته سندس بيان درست هوندو.خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي وڪيل صفدر ڪناسرو چيو ته  شروعاتي ميڊيڪل رپورٽن ۾ نينگري سان زيادتي جي تصديق ٿي هئي، پر اها خبر نه هئي زيادتي ڪنهن ڪئي آهي، نگران وزير عمر سومرو چيو آهي ته جوابدار اسد شاهه جا جزا ميچ ٿيا آهن پر اهڙي رپورٽ اڃا فراهم ناهي ڪئي وئي. وڪيل صفدر ڪناسرو چيو ته خيرپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ جاچ آفيسر عبدالقدوس ڪلوڙ رپورٽ جمع ڪرائي هئي ۽ اهيو به چيو ته زيادتي جي حوالي سان ميڊيڪل رپورٽ جڏهن  آئي ته سپليمينٽري چالان گڏ جمع ڪرائي ويندي،  جوابدرن خلاف ڪيس مضبوط آهي، زيادتي جي تصديق کانپوءِ وڌيڪ مضبوط ٿي ويندو. هن چيو ته  صحت کاتي جي ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. ڪيس جي وڪيل صفدر ڪناسرو مطالبو ڪيو ته ڪيس جي فريادين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، جيڪڏهن هو عدالت نٿا اچي سگهن ته وٽنس پروٽيڪشن ايڪٽ تحت سندن وڊيو ذريعي شاهدي ٿي سگهي ٿي.

9مئي ٽولي کي مائنس ڪري پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون:راڻا ثناءُ الله

لاهور(م ڊ) مسلم ليگ (ن) پنجاب جي صدر ۽ اڳوڻي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته هو 9 مئي واري گروپ کي مائنس ڪري پي ٽي آءِ سان ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيون، ،  فرح بي بي ڪرپشن ٽو پلس ٽو جو معاملو آهي، فرح بي بي جي ڪرپشن جا ثبوت عوام جي سامهون رکيا وڃن، هن چيو ته عمران خان  اڊيالا جيل ۾ ڏسي وٺي، هن سان جيڪو سلوڪ ڪيو ويو، اهو ئي ٻين سان ڪيو ويو.ن ليگ پنجاب جي صدر جو چوڻ هو ته نواز شريف جلد چوڌري شجاعت حسين سان ملاقات ڪندوآصف زرداري کي پنهنجي پارٽي جو سربراهه هوندي حق حاصل آهي ته لاهور جي وزيراعظم جو رستو روڪي،شاهد خاقان ن ليگ کان ناراض ناهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.