اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان ۾ ڪارروائي بعد ڪيترائي غير قانوني افغاني روپوش ٿي ويا آهن. افغانين جي رهائش گاهن کي ٻاهران تالا هڻي پوليس کي گهر مڪمل بند ڏيکاريا پيا وڃن. ان عمل ۾ افغانين سان گهرن جا اصل مالڪ به ٻڌل آهن. بي بي سي موجب پرڏيهي خابرو اداري ”رائٽرز“ جي رپورٽ موجب اڻڄاتل هنڌ کان 23 سالن جي افغان عورت آن لائن ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ان جو دروازو ٻاهران بند آهي، اسان اندر ڦاسي ويا آهيون. اسان بتيون ٻاري روشني نه ٿا ڪري سگهون، اسان زور سان ڳالهائي به نٿا سگهون. هڪ عورت چيو ته هن 2019ع ۾ عيسائيت اختيار ڪئي هئي، افغانستان واپس ويس ته طالبان ماري ڇڏيندا. انساني حقن جي ڪارڪنن جو چوڻ آهي ته حڪومت پاران غير دستاويزي پناهه گيرن کي ملڪ بدر ڪرڻ جي فيصلي کان پوءِ پاڪستان ۾ سالن کان رهندڙ هزارين افغاني لڪي ويا آهن ڇاڪاڻ ته انهن کي پنهنجي ملڪ ۾ طالبان جي حڪومت هيٺ ظلمن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.