سوشل ميڊيا تي صحت کاتي ۽ ايس ايس پي خيرپور خلاف تنقيد

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) هڪ نجي ٽي وي چئنل موجب راڻيپور جي حويلي ۾ تشدد ڪري ماريل ٻارڙي فاطمه ڦرڙو جا ڊي اين اي جزا ضايع  ڪرڻ وارن سنگين الزامن تي سنڌ جو صحت کاتو خاموش تماشائي بڻيل بڻيل آهي،ايس ايس پي خيرپور ڊاڪٽر سميع الله سومرو به آن ريڪارڊ موقف ڏيڻ کان لنوائڻ لڳو آهي گذريل ڏينهن قانون واري نگران وزير عمر سومرو ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب دوران دعويٰ ڪئي هئي ته فاطمه ڦرڙو ۽ گرفتار ڪيل پير جا جزا ميچ ٿي ويا آهن.ايس ايس پي خيرپور سميع الله سومرو ٽي وي چئنل پاران بار بار رابطو ڪرڻ باوجود ڪو به موقف نه ڏنو،سوشل ميڊيا تي صحت کاتي ۽ ايس ايس پي خيرپور خلاف ڇتي تنقيد ڪئي پئي وڃي،ذريعن موجب ايس ايس پي خيرپور سميع الله سومرو جو چوڻ آهي ته فاطمه ڦرڙو ۽ گرفتار ڪيل جوابدار پيرن جا ڊي اين اي ميچ نه ٿيا هئا ۽ اهڙي رپورٽ عدالت ۾ به پيش ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.