اسلام آباد(م ڊ) ناڻي واريءَ وفاقي وزير شمشاد اختر چيو آهي ته آءِ ايم ايف کان ٽائم فريم يا حجم وڌائڻ جو مطالبو نه ڪنداسين. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شمشاد اختر حجم وڌائڻ يا ٽائم فريم ۾ واڌ جو امڪان رد ڪري ڇڏيو. شمشاد اختر چيو ته جائزي جي ڪارروائي مڪمل ٿيڻ بعد فنانس گيپ ڀرڻ جو مشورو ڏينداسين. ڪوشش ڪنداسين ته 15 نومبر تائين آءِ ايم ايف کي مطمئن ڪري سگهون . پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي اعليٰ آفيسرن وچ ۾ 3 بلين ڊالرز جي ايس بي اي پروگرام تحت اسٽاف سطح جي معاهدي لاءِ اسٽاف سطح تي ڳالهيون 2 نومبر کان جاري آهن ۽ ڳالهيون 15 نومبر تائين مڪمل ڪيون وينديون.