ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي پوليس چيف خادم حسين رند چيو آهي ته 26 کان 27 هزار افغان شهري رضاڪاراڻي طور ملڪ ڇڏي ويا آهن. خادم حسين رند موجب آپريشن ۾ تيز ڪيو ويندو، جيسيتائين هڪ به غير قانوني پرڏيهي ترسيل آهي آپريشن جاري رهندو. ڪراچي پوليس چيف جو چوڻ آهي ته آپريشن دوران پڪڙيل ماڻهن جي نشاندهي ڪرڻ ۾ گهڻو وقت لڳندو هو. هن چيو ته غيرقانوني رهندڙن جي سڃاڻپ جو عمل 12 ڪلاڪن کان وڌائي 24 ڪلاڪ ڪري ڇڏيو آهي. خادم رند چيو ته نادرا کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هليپ ڊيسڪ تي 24 بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻايو پيو وڃي. ڪراچي ۾ غير قانوني ترسيل ماڻهن جي نيڪالي سان اسٽريٽ ڪرائيم ۾ گهٽائي ٿي آهي.