چونڊ سرگرميون ۽ سياست جي  نئين صف بندي

ملڪ ۾سياسي چرپر شروع ٿي وئي آھي.سياست ۾ سڀ جائز آھي پر صبح جو ھڪ ڳالھھ ۽ شام جو وري ٻي ڳالھھ ڪرڻ سان عوام جي ذھن ۾ ڪافي سوال پيدا ٿين ٿا.خيال آھي تھ مسلم ليگ ن ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي ھن ڀيري سڌي  مقابلي ۾ اچي رھيون آھن. اڳ مسلم ليگ ن جي ڪوشش ھوندي ھئي تھ سنڌ ۾  ڪا سرگرمي نھ ڪجي جنھن بدلي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي پڻ پنجاب ۾ ڪنھن وڏي سنجيدگيءَ جو مظاھرو نھ ڪندي ھئي، پنھنجي پڪين سيٽن کانسواءِ مسلم ليگ ن جي لاءِ ميدان خالي ڇڏيندي ھئي.

16 مھينن جي اتحادي حڪومت ختم ٿيڻ بعد ڪنھن نھ ڪنھن طرح سان جڏھن مسلم ليگ ن طاقتور ڌرين ڏانھن جھڪاءُ رکيو تھ پاڪستان پيپلزپارٽي کي ڳالھھ نھ وڻي. جيتوڻيڪ ان کان ٿورو اڳ سمجھيو پئي ويو تھ پيلزپارٽي ھن ڀيري اقتدار جي پڪي اميدوار آھي. مبصرن جو خيال ھو تھ پيپلزپارٽي سڌي ريت طاقتور ڌرن سان ڦٽائڻ نٿي چاھي.

مسلم لگ ن ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي وچ ۾ ھاڻوڪي ڇڪ ڇڪان  ميان نوازشريف جي پاڻ مرادو جلاوطني ختم ڪري وطن ورڻ بعد شروع ٿي. ان کان اڳ مسلم ليگ ن جي قائد ميان نوازشريف  چيو ھو تھ ججن ۽ جنرلز جو احتساب ٿيڻ گھرجي،جنھن تي  ڇڪ ڇڪان بعد ھن ان نعري تان  ھٿ کنيو ۽ ھن اعلان ڪيو تھ ساڻس ٿيل زيادتيءَ جو معاملو ھو خدا تعاليٰ حوالي ڪري ٿو.

ميان نوازشريف جي وطن واپسي سان سمجھيو ويو تھ کيس رعايت ملي رھي آھي. اھو پڻ تاثر ڏنو ويو تھ نوازشريف اھو لکي ڏيڻ لاءِ تيار آھي تھ ”ھوءَ  وزيراعظم ٿيندو“  ھڪ تجربيڪار اڳوان کي ڪنھن بھ ريت اھو نٿو سونھي  پر عوام توڙي اليڪٽيبلز کي اھو يقين ڏيارڻ بھ ضروري ھوندو آھي تھ، سندس جماعت جي نالي تي حڪومت حاصل ڪرڻ جو ڪڻو نڪري رھيو آھي. جئين عوام ۽ خاص کي  خاطري ٿئي ۽ ان سان ماڻھن جي اڪثريت کي متاثر بھ ڪري سگھجي.

شايد ان ڪري بھ اھو ضروري سمجھيو ويو تھ ان سان پارٽي بابت  شڪ شبھن کي بھ ختم ڪجي ۽ اھو بھ محسوس ڪرائجي تھ جماعت جي ساک باقي آھي.

ميان نوازشريف جي آجيان واري جلسي ۾ ماڻھن جو خاصو انگ ھو، جنھن بابت ان کان اڳ ڪافي شڪ ۽ خطرن جو اظھار ٿي رھيو ھو.جڏھن ن ليگ کي  محسوس ٿيو تھ ماڻھن جي حمايت موجود آھي تھ  رويي ۾ مڪمل تبديلي اچي وئي.

ٻئي پاسي واري پاڪستان پيپلزپارٽي پڻ اليڪشن ڪميشن کان 90 ڏينھن جي اندر چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ۽ پيپلزپارٽي ليول پليئنگ فيلڊ تي بھ سوال اٿاريو. پاڪستان پيپلزپارٽي  پنجاب جي ڏاکڻي علائقي ۽ سينٽرل پنجاب تي ڌيان ڏئي رھي آھي پر ان وچ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي پاڪستان تحريڪ انصاف سان گڏجڻ چاھي ٿي.جنھن ۾ محتاط طريقي سان اڳتي وڌڻ جي ڪوشش جاري آھي.

ٿورو اڳ  تاثر ھو تھ پاڪستان تحريڪ انصاف مقبول جماعت آھي،پنجاب ۾ مسلم ليگ ن پي ٽي آءِ کي اصل خطرو محسوس ڪري رھي ھئي.صورتحال جئين جو تئين آھي پر ان  9 مئي جي واقعن سان  پي ٽي آءِ پنھنجي پير تي پاڻ ڪھاڙو ھڻي ڇڏيو آھي.جنھن بعد  پي ٽي آءِ، عتاب ۾ آيل آھي، جمعات جي قيادت يا ڪارڪن آزاديءَ سان چرپر نھ پيا ڪري سگھن.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳوڻن جي وري ٻيھر گرفتارين جو سلسلو شروع ٿي ويو آھي،جنھن بابت ڪجھ مبصرن جو خيال آھي تھ جئين جئين چونڊون ويجھو اينديون اھو سلسلو وڌيڪ تيز ٿيندو.معتوب ٿيل پي ٽي آءِ، جي ڪري اھو سمجھيو پيو وڃي تھ پارٽي اڳواڻ ۽ ڪارڪنن ۾ خوف واري ڪيفيت ھئڻ ڪري اھي شايد چونڊن جي لاءِ اميدوار بھ بيھاري نھ سگھن يا وري ان جماعت جا ڪارڪن آزاديءَ سان چرپر ڪري نھ سگھن.ان صورتحال کي پ پ پ غنيمت جو موقعو سمجھندي پاڪستان تحريڪ انصاف ڏانھن نرم رويو اختيار ڪيو آھي.ڪجھ مبصرن جو خيال آھي تھ پ پ پ تحريڪ انصاف جي ووٽرن جي ھمدردي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنجاب ۾ اھڙي ڪنھن امڪاني اتحاد تي غور ڪري رھي آھي.ھڪڙو خيال ھي آھي تھ ان جي ڪا گھڻي گنجائش شايد نھ ھجي پر ان ھوندي بھ پاڪستان پيپلزپارٽي ان مان فائدو حاصل ڪرڻ جي رٿ رٿي رھي آھي.

ٻئي پاسي مسلم ليگ ن سنڌ خاص ڪري ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پ پ پ جي مخالف ڌرين کي پاڻ سان گڏ کڻي ڪري پ پ پ جي لاءِ مشڪلات پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي جيتوڻيڪ سنڌ ۾ مسلم ليگ ن گھڻي ڪمزور آھي ۽ ڪڏھن بھ مسلم ليگ ن سنڌ تي ڌيان نھ ڏنو آھي ان ھوندي بھ ھن ڀيري ن ليگ جي ڪوشش ھوندي تھ نوازشريف پاڻ، شھبازشريف يا وري مريم نوازشريف مان ڪنھن ھڪ کي ڪراچي جي سيٽ تان بيھاريو وڃي.جتي اھي ايم ڪيو ايم سان اتحاد ڪري گڏجي چونڊن وڙھڻ جو اشارو ڏنو ويو آھي.ان سلسلي ۾ ميان نوازشريف ايم ڪيو ايم جي وفد کي طلب ڪري ورتو آھي ۽ اھو وفد لاھور ميان نوازشريف سان ملاقات ڪرڻ جي مقصد ان پھتل آھي.ميان نوازشريف تھ پ پ پ جي خلاف پڻ گھڻو اڳتي وڃڻ نٿو چاھي، ان بابت اھو تاثر آھي تھ پ پ پ اڳواڻ آصف علي زرداري ميان نوازشريف سان رابطو ڪيو آھي ۽ ٻنھي اڳواڻ جي ملاقات جلدي متوقع آھي. ساڳي ريت ميان نوازشريف جي يو آءِ اڳواڻ مولانا فضل الرحمان سان بھ ملاقات ڪرڻ جي لاءِ رابطو ڪيو آھي.جيڪو ھن وقت ملڪ کان ٻاھر ويل آھي.سمجھيو ٿو وڃي تھ مسلم ليگ ن سمورين جماعتن کي ڪنھن نھ ڪنھن ريت مصروف رکڻ چاھي ٿو تھ جئين ٻيون ڌريون پاڻ ۾ وڌيڪ ويجھيون نھ ٿي وڃن.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري دعويٰ ڪئي آهي ته ايندڙ وزيراعظم لاهور مان نه ٿيندو، پ پ سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ ڪاميابي ماڻي حڪومت ٺاهيندي. ڀلي سڀ مخالف گڏ ٿي وڃن پر پ پ کان نه کٽي سگهندا.هن چيو ته صدر زرداري ۽ ميان صاحب جو رابطو ٿيو هو، ڪنهن لاءِ به در بند نه آهن.

سياست جي ھن گورک ڌنڌي ۾ ڪير ڪنھن کي ملھه ماري ٿو اھو تھ وقت ئي ٻڌائيندو پر ھن ڀيري ڌريون ٿورو ٿڪو ھڪ ٻئي کي ڇڪڻ جي تياري ڪري رھيون آھن.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.