ڇا فلسطينين کي اڪيلو ڇڏيو ويو آهي؟

تحرير: مليحھ  لوڌي

غزا ۾ جاري اسرائيلي جارحيت ۽ اتي پيدا ٿيندڙ انساني الميي تي دنيا ڪهڙو رد عمل ڏيکاريو آهي؟ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل هن جنگ کي روڪڻ ۾ واضح طور تي ناڪام ٿي رھي آهي. ھيءَ هڪ عالمي اداري  جي ناڪامي آهي جنهن جي بنيادي ذميواري ئي عالمي امن ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ آهي.

جنگ بندي يا انساني بنيادن تي  وقفي جي مطالبي لاءِ قراردادون پاس ڪرڻ ۾ ناڪامي گڏيل قومن جي ميمبرن جي وچ ۾ تقسيم کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي. جنهن  تنظيم کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي. جنھن ڪري ھي ادارو مفلوج ٿي ويو آھي.جنگ بندي جي ڪوششن ۾ سڀ کان وڏي رنڊڪ آمريڪا هو. عالمي راءِ عامھ کي نظر انداز ڪندي آمريڪا جي غير مشروط حمايت سان اسرائيل کي پنھنجي وحشياڻي فوجي مھم جاري رکڻ ۾ ھٿي ملي رھي آھي.

سلامتي ڪائونسل طرفان ٺوس ڪارروائي نه ٿيڻ سبب جنرل اسيمبليءَ جو هنگامي اجلاس ٿيو، جنهن وڏي اڪثريت سان جنگبندي جو مطالبو ڪندي هڪ قرارداد منظور ڪئي. صرف آمريڪا ۽ ٻين آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ملڪن قرارداد جي خلاف ووٽ ڪيو. جيتوڻيڪ هي قرارداد اخلاقي ۽ سياسي وزن رکي ٿي ۽ ان جو مقصد اسرائيل ۽ ان جي حامين ڪندڙن تي سفارتي دٻاءُ وڌائڻ آهي، پر اھا ڪنھن کي پابند نٿي ڪري، اهو ئي سبب آهي ته هي قرارداد غزا  تي اسرائيلي جارحيت کي روڪڻ لاءِ عملي طور تي ڪجهه به نٿي ڪري سگهي.

ھي اڳڀرائي آمريڪا جي وڌندڙ سفارتي تنھائي کي ظاهر ڪري ٿي ڇاڪاڻ ته هن جا ڪيترائي اولهھ جا اتحادي فوري جنگ بندي جي حمايت لاءِ عالمي برادري سان گڏ بيٺا آهن. جتي ڪجهه يورپي ملڪن انساني بحران ۽ فلسطينين جي جانين جي ضايع ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي پنهنجو موقف تبديل ڪيو آهي،اتي آمريڪا اسرائيل کي غزا  تي بمباري بند ڪرڻ يا گهيرو ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. جنھن مان ظاهر ٿئي ٿو  اسرائيل جي عملن جي تباهي وارن نتيجن جو آمريڪا تي ڪو اثر ناھي ٿيو.

گڏيل قومن جي عملدارن بار بار اعلان ڪيو آهي ته غزا  ۾ ڦاٿل 20 لک کان وڌيڪ فلسطينين تي اسرائيلي تشدد اصل ۾ اجتماعي سزا  آھي۽ عالمي انساني قانونن جي ڀڃڪڙي بھ آهي. آمريڪا ۽ ان جي اولهھ جي ساٿين اسرائيل تي حملي جي لاءِ  حماس کي ذميوار قرار ڏنو.پر اسرائيل جي سڄي آبادي تي ڪارپيٽ بمباري کي اسرائيل جي لاءِ ’پنھنجي دفاع جي حق‘طور  تسليم ڪيو ويو.

هنن هزارين فلسطينين جي موت تي ڪنھن بھ همدردي جو مظاھرو نھ ڪيو. انهن ماڻهن کي حماس لاءِ انساني ڍال طور پيش ڪيو ويو. اهو فلسطينين کي انسان نه سمجهڻ جو مثال آهي. آمريڪي صدر جو بائيڊن تھ فلسطينين جي موت جي انگن اکرن تي بھ سوال اٿاريا ۽ چيو ته کيس فلسطينين جي طرفان ڏنل انگن اکرن تي ڪو بھ يقين ناهي. جڏهن آمريڪا شهرين جي جاني نقصان تي ڳڻتي جو اظهار ڪرڻ شروع ڪيو تھ اھا مذمت نا ڪافي ھئي ۽ تيستائين گھڻي ديرٿي چڪي هئي. خاص طور تي انھن حالتن ۾ جڏھن هن جنگبندي جي مخالفت جاري رکي.

اھڙي  اڳڀرائي آمريڪا جي قيادت ۾ اولهھ جي  ملڪن جي منافقت کي پڌرو ڪري ڇڏيو آهي. اولهھ جي اڳواڻن يوڪرين جي  جي جنگ ۾ روسي فوجي ڪاررواين ۽ يوڪرين ۾ شهرين کي نشانو بڻائڻ جي مذمت ڪئي هئي، پر هنن اهو اصول غزا  تي لاڳو نه ڪيو.

يورپي يونين ڪميشن جي صدر ارسلا وان ڊير ليين هڪ ڀيرو روس جي طرفان ”شهري انفراسٽرڪچر تي حملن“ کي پڻ ”دهشتگردي جو عمل“ قرار ڏنو ھو.جنهن جو مقصد ماڻهن کي پاڻي ۽ بجلي کان محروم ڪرڻ  ھو. پر نه ته هن ۽ نه ئي ڪنهن ٻئي اولهھ جي اڳواڻ اسرائيل جي طرفان غزا  کي بجلي، پاڻي، کاڌي ۽ ٻارڻ  جي فراهمي کي بند ڪرڻ کي دهشتگردي جو عمل قرار نھ ڏنو. ڪنهن به اولھه جي حڪومت اسرائيل پاران بين الاقوامي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي وائيٽ فاسفورس جي استعمال جي پڻ مذمت  نه ڪئي.

جباليا پناهگير ڪيمپ تي اسرائيل جي حملن جي پڻ اولھه طرفان مذمت نه ڪئي.ان حملي ۾ سوين ماڻهو مارجي ويا ۽ اسرائيل شھرين جي موت کي "جنگ جو الميو” قرار ڏيندي ان حملي جي ذميواري پڻ قبول ڪئي.

اولھه جا ملڪ، انساني حقن جي علمبردار هئڻ جي دعويٰ ڪن ٿا ۽ ان تي ٻين ملڪن کي مسلسل ليڪچر ڏين ٿا پر انھن اسرائيلي ظلمن ۽ نسل ڪشي تي خاموشي اختيار ڪري رکي آهي. اولهه جو اھڙو ٻٽو معيار ڪا نئين ڳالهه نه هئي. انساني حقن جي حوالي سان  اولهھ جي ڳڻتي  هميشه کان جانبداراڻي رهي آهي. سندس تنقيد عام طور تي پنھنجي مخالفن تي هوندي آهي جڏهن ته دوست ملڪن کي  تنقيد کان بچايو ويندو آهي.

جرمني ۽ فرانس فلسطين جي لاءِ ھمدري جي اظھار جي کي ڏوھ قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي فلسطين جي حمايت ۾ ريلين تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، جنھن مان ھنن جي جمهوري عمل  مذاق بڻيو ۽ اظهار جي آزاديءَ جي حوالي سان انهن جي سنجيدگيءَ پڻ ظاهر ٿي وئي. آمريڪا ۾ يونيورسٽين کي عطيا ڏيندڙ ڌمڪي ڏني تھ اھي انھن  يونيورسٽين جي فنڊنگ بند ڪري ڇڏيندا جتي شاگردن فلسطينين سان يڪجهتي ۾ مظاھرا ڪيا ۽ ريليون ڪڍيون ھيون.

دي گارڊين موجب، ميگزين جي ايڊيٽرز کان ويندي ھولي ووڊ جي ايجنٽن تائين ڪيترن ئي نمايان آمريڪي شخصيتن کان فلسطينين جي حمايت ڪرڻ تي برطرف  ڪيو ويو يا وري انھن کان سخت پڇاڻو ٿيو.يورپ ۾ فلسطيني حامي ڪارڪنن کي يھود مخالف هجڻ جي بھاني پڪڙيو ويو. برطانيه جي گهرو سيڪريٽري سائلا برورمين فلسطين جي حمايت ۾ مارچ کي ’نفرت واري مارچ‘ قرار ڏنو. هن انھن مظاهرن تي پابندي جو مطالبو ڪيو ۽ فلسطيني جهنڊو ڦڙڪائڻ کي ڏوهه قرار ڏيڻ تي زور ڀريو. اهو سڀ ڪجهه انهن نام نهاد جمهوريتن ۾ ٿيو، جيڪي گلوبل سائوٿ جي ملڪن تي تھذيبي برتري جي دعويٰ ڪن ٿيون.

اولھه جي چينلز جي طرفان پکڙيل غلط معلومات جو سڀ کان واضح مثال حماس ھٿان اسرائيلي ٻارن جي سر قلم ڪرڻ جي بي بنياد خبر ھئي. جڏھن غزھ ۾ ماراماري کي نظرانداز ڪرن مشڪل ٿي ويو.ميڊيا نيٽ ورڪس جي تعصب تي تنقيد ٿيڻ لڳي تھ تڏھن ئي. بي بي سي جھڙا نيٽ ورڪس پنھنجي طرز عمل ۾ ٿوري تبديلي آندي.ان کانسواءِ سوشل ميڊيا ڪمپنين فلسطيني مواد کي سنسر ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو جنھن جي تصديق ايمنسٽي سميت انساني حقن جي عالمي تنظيمن پڻ ڪئي.

مسلمان ملڪن جي ردعمل کي ڏسجي تھ اھو نھ تھ  زميني صورتحال جي مطابق هو ۽ نه سندن عوام جي اميدن مطابق. جنرل اسيمبليءَ جي قرارداد جي حوالي سان گڏيل قومن ۾ سفارتي سرگرمين کان علاوه اهي ملڪ اسرائيل جي مذمت ڪرڻ کان اڳتي نه وڌي سگهيا. ڏکڻ آمريڪا جا ڪيترا ئي ملڪ اسرائيل سان لاڳاپا ٽوڙيا، پر اسرائيل سان سفارتي لڳاپا رکندڙ  عرب ملڪن مان رڳو اردن ۽ بحرين ايئن ڪيو.

ڇا ان جو مطلب اهو آهي ته فلسطينين کي اڪيلو  ڇڏيو  ويو آهي؟ ان جو جواب ها بھ آھي ۽  نه  ۾ بھ آهي. ها،انڪري جو  ڇاڪاڻ ته عالمي برادري غزا  ۾ قتل عام کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي. نه،ان ڪري ته سڄي دنيا ۾، اولهه کان اوڀر تائين، ماڻهو وڏي انگ ۾ فلسطينين سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ ۽ جنگ بندي جو مطالبو ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪتا آهن.

احتجاجي ريلين ۾ غزا  ۾ جاري انساني الميي تي جيڪو عوامي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، اهو انهن ملڪن جي حڪومتن پاران اختيار ڪيل تعصبي موقف جي بلڪل ابتڙ هو. آمريڪا ۾ عوامي راءِ به بائيڊن انتظاميا جي موقف کان بلڪل مختلف هئي. ڊيٽا فار پروگريس پاران ڪيل سروي موجب 66 سيڪڙو آمريڪي ووٽر جنگ بندي جي حمايت ڪن ٿا.

 

جنگ بندي يا انساني بنيادن تي  وقفي جي مطالبي لاءِ قراردادون پاس ڪرڻ ۾ ناڪامي گڏيل قومن جي ميمبرن جي وچ ۾ تقسيم کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي. جنهن  تنظيم کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي. جنھن ڪري ھي ادارو مفلوج ٿي ويو آھي.جنگ بندي جي ڪوششن ۾ سڀ کان وڏي رنڊڪ آمريڪا هو. عالمي راءِ عامھ کي نظر انداز ڪندي آمريڪا جي غير مشروط حمايت سان اسرائيل کي پنھنجي وحشياڻي فوجي مھم جاري رکڻ ۾ ھٿي ملي رھي آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.