سنڌ ۾ سرڪاري اسپتالن ۾ علاج جي سھولتن نھ ھئڻ جي دانھن گھڻي پراڻي آھي.جنھن بابت عام طور تي ٻھ خيال عام آھن،ھڪڙو ھي تھ اھڙي شڪايت ۾ پروپئگينڊا جو عنصر وڌيڪ آھي ٻيو خيال ھي آھي تھ ڪجهھ نھ ڪجھھ علاج ٿئي ٿو ۽ ٿوري ٿڪي دوا بھ ملي ٿي.چئي سگھجي ٿو تھ ھڪ بي ترتيب سماجي اسٽرڪچر ۾ عوام کي ملندڙ سھولتن جھڙيون ئي سھولتون اسپتالن ۾ ملن ٿيون.ان ڳالھه کي ھن طريقي سان بھ سمجھي سگھجي ٿو تھ جيڪڏھن ڪي بھ سھولتون نھ ملنديون ھجن تھ ماڻھو انھن اسپتالن ڏانھن ڇو رخ ڪن ؟
ڪجھھ وقت کان ھتي ھڪ ڪارپوريٽ سيڪٽر وارو لاڙو پيدا ٿيو آھي تھ سمورين سرڪاري ادارن کي وڪرو ڪيو وڃي يا وري انھن جي ڪافي سھولتن کي آئوٽ سورس ڪيو ويو آھي.اھڙي ريت سرڪاري اسپتالن ۽ اسڪولن کي بھ مختلف ادارن حوالي ڪيو ويو آھي.جنھن خلاف وقت بوقت شھرين احجتاج ڪيو آھي پر انهن جي ڳالهه کي گھٽ ٻڌو ويو آھي.
تازو ٺٽي ضلعي جي سطح جي سول اسپتال مڪليءَ ۾ ھڪ ئي وقت ٽن معصوم ٻارڙن جي فوت ٿيڻ واري واقعي بعد شھرين ان تي سخت احجتاج نوٽ ڪرايو آھي.ان سلسلي ۾ مڪلي اسپتال جي مين گيٽ تي گذريل ڏينھن ڌرڻو هنيو ويو. شھرين الزام ھنيو آھي تھ سول اسپتال مڪلي جا انتظام جڏھن کان ”مرف “ نالي اين جي اوز جي حوالي ٿيا آھن، تڏھن کان اسپتال ڪوس گھر بڻجي ويئي آھي.ھنن اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ ۽ ڊاڪٽرن جي لاپرواھي جي بھ شڪايت ڪئي.
ھن کان اڳ اھڙا واقعا رڳو ٿرپارڪر جي علائقي ۾ ٿيندا ھئا.جتي علاج جي لاءِ ايندڙ نون ڄاول ٻارن جي فوت ٿيڻ جون خبرون اڪثر ميڊيا جي زينت بڻجنديون ھيون.جنھن بابت ڳالھه وڌي وڃڻ تي انھن جي جاچ ۽ انڪوائريز بھ ٿيون پر اھڙا واقعا رڪجي نھ سگھيا.جيتوڻيڪ سنڌ حڪومت اين آءَ سي ايچ ( نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ ھيلٿ ) جي ماھرن جي ٽيم پڻ ٿر جي انھن اسپتالن ۾ يونٽ قائم ڪري اھڙين ٻارن جي علاج جي ڪوشش ڪئي آھي پر ھن وقت بھ اھڙا واقعا رپورٽ ٿيندا رھن ٿا.
ڪي ماھر ان خيال جا آھن تھ ٿرپارڪر جي علائقي ۾ ماءَ جي خوراڪ ۽ ان کي گھربل سھولتن نھ ھئڻ ڪري ڄمندڙ ٻار جي حياتيءَ گھڻو ڪري خطري ۾ رھندي آھي.جيتوڻيڪ ان کي گھٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي پر ان جي لاءِ اميد سان ٿيڻ بعد ان جي مسلسل نگھداشت جي گھرج ھوندي آھي،جڏھن تھ ٻھراڙي ۾ گھٽ ڄاڻ ۽ اسپتالن سان رجوع نھ ڪرڻ توڙي اميد سان ھئڻ دوران ماءَ جي صحت جي سھولتن نھ رکڻ ۽ ٻيا سبب اھڙن واقعن جا بنياد ٿي سگھن ٿا.
ڪراچي کي ڇڏي ڪري سنڌ جي ڪنھن بھ ضلعي ۾ شايد ئي اھڙي اسپتال ھجي جنھن کي مثالي قرار ڏئي سگھجي.اسپتالن ۾ ماڻھون علاج جي لاءِ اچن ٿا ۽ انھن کي اميد ھوندي آھي تھ سندن علاج ٿيندو پر اتي بھ ماڻھن کي سھولتن نھ ملن نھ رڳو ايترو پر ھڪ ضلعي اسپتال ۾ ايندڙ ٻارڙن جو علاج نھ ھجي ۽ انھن ٻارن جو موت واقع ٿي وڃي تھ ان بابت سوال ضرور ٿيندا ۽ ان جو جواب حڪومت ۽ اسپتال جي انتظاميھ کي ئي ڏيڻو پوندو.
بنگلن تي ڪم ڪندڙ ھر نوڪر جو موت پراسرار ڇو ٿيندو آھي ؟
شھرن جي پوش بنگلن جي اندر نوڪرن ۽ نوڪرياڻين طور ڪم ڪندڙن جي اڪثر پراسرار ٿيندڙ موت جو گھڻو ڪري سبب سامھون نھ ايندو آھي.جنھن ڪري ان بابت اڪثر شڪ وڌي ويندا آھن.جيتوڻيڪ حڪومت جو اھو فرض آھي تھ انھن واقعن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ان جي اصل سببن تائين پھچي ۽ ان ۾ ملوث ھئڻ جي صورت ۾ ڏوھارين کي قانون جي پڪڙ ۾ آڻي ۽ بي موت مرندڙن انسانن جي وارثن کي انصاف فراھم ڪري ڏئي پر ھتي ائين گھٽ ئي ٿئي ٿو.
ھي سوال ان ڪري سامھون آيو آھي جو تازو ڪراچي جي ڪلفٽن واري علائقي ۾ ھڪ سيٺ جي فليٽ تي ڇاڇري واسي پورهيت مارو ميگهواڙ جو ڦاهو لڳل لاش هٿ اچڻ بعد اھو معاملو ڳجھارت بڻجي ويو آھي.
ميگهواڙ برادري واقعي کي قتل قرار ڏيندي ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو آھي. مارو جي وارثن ۽ ميگهواڙ برادري جي اڳواڻن جو چوڻ آھي ته 31 آڪٽوبر تي مارو جو ڦاهو لڳل لاش ٽرينڊن بلڊنگ جي سرونٽ ڪوارٽر مان مليو آھي. مارو سيٺ سنيل وٽ بورچي هو سيٺ نوڪر کي قتل ڪري واقعي کي خودڪشي جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
وارثن اھو بھ الزام ھنيو آھي تھ سيٺ موڪل گهرڻ تي مارو تي تشدد ڪندو هو، مارو کي ڏياري جي بھ موڪل نھ ڏني وئي ھئي.وارثن جو موقف ھو تھ موڪل نھ ملڻ ۽ تشدد سبب مارو ميگھواڙ نوڪري ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو ھو.هن اهڙو اطلاع گهر ڀاتين کي به ڏنو ھو.وارثن موجب ھنن کي 31 آڪٽوبر تي سيٺ فون تي اطلاع ڏنو ته مارو خودڪشي ڪئي آهي.
ھتي جيئن تھ نجي طور مخلتف بنگلن تي ڪم ڪندڙ ماڻھن وٽ نوڪر طور ڪم ڪندڙ عورتن توڙي مردن جو ڪو بھ رڪارڊ نھ ھوندو آھي ۽ انھن کي ڪنھن بھ طرح جي سھولت بابت ڪنھن کي بھ ڪو علم نھ ھوندو آھي ڪجھھ وقت اڳ ٻن عورتن جي اھڙي نموني فوت ٿيڻ جا پراسرار واقعا پڻ ٿيا آھن.پر اختياريون اھڙين واقعن ڏانھن ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار نھ آھن.
اختيارين کي ان نوعيت جي واقعن جي جاچ ڪري قانون موجب ڏوھارين کي سزا ڏياري انصاف جو مان مٿاھون ڪرڻ گھرجي ۽ اھڙن واقعن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.
اھا عجيب ڳالھه آھي تھ حڪومت جڏھن بھ چاھيندي آھي تھ ان وقت سرڪاري مدعيت ۾ اھڙو ڪيس داخل ڪري ڇڏيندي آھي پر جڏھن ڪنھن کي بچائن چاھيندي آھي تھ اھڙي ڪيس کي ليکي ۾ نھ آڻيندي آھن.سنڌ سرڪار ۽ آءِ جي سنڌ ۽ حد جي ٿاڻي کي ھن واقعي جو نوٽيس وٺندي معامل جي جاچ ڪرڻ ۽ ان اصل سبب کي ڳولڻ گھرجي جئين ھن موت جي ڳجھارت جو ڳجھھ سامھون اچي سگھي.