اها ڳالھه چئي سگهون ٿا ته ڪجھه به ٿي پئي پر هيءَ حڪومت 2016 وانگي شهرن مان جئين لساني سياست جون پاڙون پٽي ڇڏيون هيون تئين ئي هاڻي شهرن مان افغاني آباديون گھٽائيندي ويندي. پر هي جيڪي به انٽرنيشنل، خاص چائينا سان ”سي پيڪ جا پيڪٽ“ ڪندا ٿا وتن، اهي سڀ فرمائشون انهن جون آهن ته اهي سڀ ڪم جيڪي چائينا جي فرمائشي لسٽ ۾ آهن اهي ، هرقيمت تي کين ڪرڻا پوندا. ڇو ته چائينا جي پروجيڪٽ جون گهرجون اهي به آهن ته چائينا پهرين وڏن شهرن خاص طور ڪراچيءَ کي پنهنجي سيڙپڪاري ڪري رنگ برنگي بسيون به ڏيندي جيڪي ماحولياتي گدلاڻ کي گهٽائڻ ڪارآمد ثابت ٿينديون ۽ گڏوگڏ چائينا جا پروجيڪٽ به هلندا رهن. انهن پروجيڪٽس ۾ چائينا ڪراچي شهر کي سرڪيولر ٽرين به ڏيندي، روڊ رستا به جوڙي ڏيندي، ڌاٻيجي ۽ گهارو ۾ صنعتي زون ۾ ٺاهيندي ويندي ۽ رياستي اختياريون سي پيڪ جي بهاني صنعتون چائينا جي حوالي به ڪنديون وينديون جن ۾ پاور پروجيڪٽ به آهن، بهرحال افغان پروجيڪٽ به ان ڳالھه جي ڪڙي آهي ته جيئن سي پيڪ جي ٻئي دور۽ چائينا سان تازو ڪيل 20 انڊسٽريل ايگرمينٽس جي آبياري ۽ مسلسل پوئواري ٿي سگهي ۽ رياست جي لڳاتار اها ڪوشش آهي ته اهي هر صورت ڪري سگهي ۽ جيئن چائينا کي ڪا تڪليف نه پهچي. سي پيڪ جي فرمائشي لسٽ ۾ اهو به آهي ته گوادر کان گولاڙچيءَ تائين سڀ زمين سي پيڪ کي لکي ڏني وڃي (۽ لکي ڏني به اٿن) جن ۾ سڀ ڪوسٽل ايريا به اچي ٿا وڃن ته جيئن سي پيڪ جي ڪارونهوار ۾ ۽ چائينا کي پنهنجا وڌيڪ ڪم ڪرڻ ۾ آساني ٿئي.پر ان جي برعڪس آمريڪا کي وڏي تڪليف آهي ڇو ته جيڪي به افغاني آهن، جيڪي به پشتون ڳالهائڻ وارا افغاني سنڌ جي شهرن ۾ مهاجر هجڻ جي بهاني گهڙي آيا آهن، اهي گهڻي ڀاڱي سي آءِ اي جي ها ۾ ها ملائڻ وارا جنگجو ويڙهاڪ ۽ ٻين جي جنگ ۾ ٽپو ڏيڻ وارا رهيا آهن.
تاريخي شاهدين مان ائين ثابت به آهي ته اهي سدائين پرائي باھ ۾ پئي سڙيا آهن، جن پنهنجا نسل ائين ئي تباھ ڪري ڇڏيا آهن. انهن ماڻهن نه پنهنجي رياست سان نڀايو نه پنهنجي قوم سان سچا ٿيا نه ئي دين ڌرم جي ڳالھه تي پورا لٿا ۽ سدائين ڊالرن ۽ سي آءِ اي جي پوئواري ڪندا ٿا اچن جن جا مثال وٺي سگهجن ٿا، اتي هي ڳالھه به ڪري سگهجي ٿي ته سدائين اسلامي انقلاب ۽ مسلمانن جي ڳالھه ڪرڻ وارا هاڻي فلسطين جي حق ۾ هڪ ريلي به نه ٿا ڪڍن، ڪير به انهن مان اسرائيل کي للڪاري نه ٿو ته سائين بس اجهو پهتو. باقي اسان ته روڊ جهنڊن ۽ لغڙين ۽ لعن طعن سان ڀري ڇڏيا آهن ۽ سمجهون ته انهن سڀني ڀتين تي لکيل ڳالهين کي اسرائيل گوگل ذريعي پڙهندو هوندو ته دنيا انهن تي ڪيتري لعن طعن ٿي ڪري افغان طالبان انهن جي دين ۽ ڌرم تي ڪيترا ڪُٺل آهن ۽ ڇا ڪري سگهندا اها ڳالھه به ٺهي ٿي ته جيئن سعودي، خاص عرب ملڪن ۾ جڏهن ”پڪڙ“ شروع ٿيندي آهي ته رات پيٽ ۾ غيرقانوني ترسيل ماڻهو پڪڙي واڙي انگ اکر ظاهر ڪندا آهن، ان ڪري ته انهن جي ڊيٽابيس ۾ اها ڳالھه پختي ۽ يقيني هوندي آهي ته هر سال سعودي ۾ جيڪي به مزدوري جا ڪم ڪار ۽ عارضي ويزائن تي آيل هوندا آهن انهن جا انگ ڪيترا آهن ۽ اهي ڪٿي ڪٿي رهيل آهن ۽ اهي ”ڪفيل“ به رياست سان سچا هوندا آهن، پر هتي اها ڳالھه ناهي.، ايئن به اسان جو قومي ايمان رڳو گيت وڄائڻ تي مشروط ته ”جيڪو به سنڌ لاءِ نه ٿو وڙهي سو سنڌ کي ڇڏي وڃي“ پر رهندو ڪندو شهرن ۾ آبادي وڌي وئي آهي، جي لفاظي جنگ سان ائين جي هجي هان ته اهي ڪڏهوڪو شهر ڇڏي هليا وڃن ها پر انهن کي اهي گيت سمجهھ ۾ نه ٿا اچن، اهي رڳو اهو ٿا ڏسن ته شهري پريشر گروھ انهن افغاني، گلگتي، بلتي، ڪشميري، ڀارتي، برمي ۽ ٻين عالمي يتيمن کي مذهب جي آڙ ۾ ڊوميسائيل به ٺاهي ٿا ڏين ته سڃاڻپ ڪارڊ، انهن ملڪي ۽ عالمي يتيمن کي پوليس ۽ ٻين سرڪاري ۽ غيرسرڪاري ادارن ۾ نوڪريون به ڏيارين ٿا ته جيئن اهي ڌرتي ڌڻين جا حق ڦٻائي سگهن.
ملڪن اندر ڪجھه سياسي، مذهبي ۽ غيررياستي گروھ ۽ مخالف عنصر اهڙا به هوندا آهن جن کي هميشه ٻاهرين ايجنسين جي پٺڀرائيءَ حاصل هوندي آهي جن کي ڪنٽرول نه ٿو ڪري سگهجي جيئن طالبان ۽ ان سان لاڳاپيل سڀ تنظيمون ۽ مذهبي ٽولا جيڪي ٻاهرين قوتن جي اشاري تي اسٽيٽ اندر بي چيني ڦهلائي سگهن ٿا، اهڙا گروھ جن کي سي آءِ اي سدائين اينٽي اسٽيٽ ايليمينٽ ڪري استعمال ڪندي رهندي آهي ته جيئن اهي (سي آءِ اي) پنهنجا ڳجها مقصد حاصل ڪري سگهي ۽ آمريڪا پنهنجي سپرپاوري قائم دائم رکي سگهي. ان ڪري جيڪي به انگريز رياستون آهن (اهي ڀلي روس، آمريڪي ۽ آسٽريلوي رياستون ڇو نه هجن) انهن وٽ سي آءِ اي اهڙا گروھ نه ٿي پالي جن سان انهن رياستن اندر رجيم چينج ڪري سگهجي، مورڳو ئي رياستي راند بگاڙي سگهجي، پر مسلمان رياستن ۾ اهي سڀ گروھ پلجن ۽ وڌن ويجهن ٿا جن جي ذريعي سي آءِ اي اهي سڀ ڪم ڪري سگهي ۽ پنهنجو ڪنٽرول باقي رکي سگهي ۽ رياست جي خلاف اهي سڀ حرفتون هلي سگهي. ان ڪري طالبان ۽ افغان آباديون انهن تباهين جون باقيات ۽ هڪ مسلسل نحوست به آهن، جيڪي هن ريجن ۾ سدائين ڏڦيڙ جو باعث هونديون آهن ان ڪري ته اهي ڪنهن به آڊيالاجي سان سڌا ۽ سچا ناهن جن جي لاءِ چئي سگهجي ته اهي ماڻهو ڪنهن طرح سچائي ڏيکاريندا ان ڪري بهتر اهو ئي آهي ته اهي هن خطي کي ڇڏي پنهنجي ملڪ هليا وڃن ۽ پنهنجي ملڪ جا مفاد عزير رکن ۽ ان خطي جي ترقي جو سوچن.