نواز شريف جي نااهلي بابت اعتزاز احسن جو اهم بيان

لاهور (ويب ڊيسڪ) سينيئر قانوندان اعتزاز احسن چيو آهي ته نواز شريف تاحيات نااهل آهي، جيستائين آئين ۾ ترميم نٿي ٿئي، نواز شريف جي نااهلي ختم نٿي ٿي سگهي.
لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن چيو ته نواز شريف بادشاهه آهي، سڀ ان جي سامهون جهڪيل آهن، ترميم بنا سپريم ڪورٽ جي سزا ۾ رعايت نٿي ٿي سگهي، جنهن هاءِ ڪمشنر نواز شريف کي سي آف ڪيو، ان خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، هڪ ڏوهاري کي پروٽوڪول ڏيڻ قانوني ڏوهه آهي.
هن چيو ته افغان معاملي تي ٻيهر ڳالهائڻ جي ضرورت آهي ۽ قومي پاليسي جوڙي وڃي، سڀني افغان پناهگيرن کي رجسٽرڊ ڪيو وڃي ۽ پاليسي ٺاهي وڃي.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کانسواءِ ڪا چونڊ نٿي ٿي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.