عوام لاهور مان وزيراعظم نه چونڊيندو، مخالف گڏجي به پ پ کي هارائي نه ٿا سگهن: بلاول

ڪراچي (رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري دعويٰ ڪئي آهي ته ايندڙ وزيراعظم لاهور مان نه ٿيندو، پ پ ايندڙ اليڪشن ۾ سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ ڪاميابي ماڻي حڪومت ٺاهيندي.  اهڙو اظهار هن ڪالهه ڪراچي جي علائقي گذري ۾ فٽبال اسٽيڊيم جو دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، ان موقعي تي ڪراچي جو ميئر بئريسٽر مرتضيٰ وهاب، عبدالله مراد سعيد غني ۽ ٻيا  اڳواڻ موجود هئا، بلاول ڀٽُو زرداري وڌيڪ چيو ته سنڌ جي عوام پ پ جي اميدوارن کي هڪ ڀيرو ٻيهر چونڊيو آهي، جڏهن ته پ پ جي نه صوبي ۾ ۽ نه وري وفاق ۾ حڪومت آهي، ان جو مطلب ته عوام جو پ پ تي اعتماد آهي، اها ڪاميابي فيبروري جي عام چونڊن لاءِ ٽريلر آهي، هن چيو ته ڀلي سڀ مخالف گڏ ٿي وڃن پر پ پ کان نه کٽي سگهندا، اسان جو مقابلو مهانگائي ۽ غربت سان آهي، غريبن لاءِ ماني، ڪپڙن ۽ گهرن جو بندوبست ڪنداسين، هن چيو ته ڪراچي سميت سڄي ملڪ جي نوجوانن جو مسئلو بيروزگاري آهي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جهڙا ٻيا پروگرام آڻينداسين، روزگار ۽ غربت جا مسئلا حل ڪنداسين.  هن چيو ته پ پ ميدان ۾ آهي ۽ چونڊن ۾ ڪاميابي به حاصل ڪري رهي آهي، انهن کان پڇيو وڃي جيڪي چونڊن کان ڀڄي رهيا آهن، هن چيو ته صدر زرداري ۽ ميان صاحب جو رابطو ٿيو هو، ڪنهن لاءِ به در بند نه آهن، ڪير رابطو ڪري ٿو ته ڳالهيون ٿين ٿيون، انشآءِالله ڪجهه مهينن بعد سنڌ سميت وفاق ۾ پ پ جي حڪومت هوندي، هن چيو ته ڪراچي ۾ عوام دوست منصوبا آڻينداسين، پاڻي جو مسئلو اهم آهي، اهو به حل ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته اسان ڄاڻون ٿا ته دهشتگرد ڪير آهن ۽ دهشتگردي جو مقابلو ڪئين ڪري سگهجي ٿو، جڏهن ته آمريڪي هٿيارن جي افغانستان ۾ موجودگي جو معاملو ڪافي عرصي کان کڻي رهيا آهيون، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته صدر کي آئين اختيار ڏئي ٿو ته هو جيستائين اليڪشن جو مرحلو مڪمل نه ٿو ٿئي عهدي تي رهي، اليڪشن ڪميشن اسان جي حڪومت جي اسڪيمن کي جاري رکڻ جي اجازت نه ڏني، ان ڪري ترقياتي منصوبا سست رفتاري جو شڪار ٿي ويا آهنهن چيو ته پنجاب جو وڏو وزير ترقياتي منصوبا موڪلي ٿو ته اهي منظور ٿي وڃن ٿا، سنڌ جو نگران وڏو وزير اسڪيمون موڪلي ٿو ته ان تي خاموشي اختيار ڪئي وڃي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.