نيويارڪ (م ڊ ) آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز رپورٽ ۾ چيو آهي ته اسرائيل غزه جي پٽي ۾ جباليه پناهگير ڪيمپ تي حملي ۾ 2 هزار پائونڊز وزني بمن جو استعمال ڪيو جيڪي ان جي هٿيارن ۾ ٻيا سڀ کان وزني بم آهن . نيويارڪ ٽائمز چيو آهي ته جيتوڻيڪ اسرائيل پهريان به اهي بم استعمال ڪري چڪو آهي پر هڪ ويران علائقي ۾ تنصيب سان انساني حقن جو خدشو وڌي ويو آهي . آمريڪا سميت 83 ملڪن هڪ پڌرائي تي صحيحون ڪيون آهن ته هو شهري علائقن ۾ اهڙن ڌماڪي ڌار هٿيارن جو استعمال نه ڪري پر اسرائيل ان پڌرائي تي صحيح نه ڪئي . جباليه تي ڪيرايل بمن سبب 40 فوٽ زمين اندر کڏا پئجي ويا آهن . اسپتال اختيارين جو چوڻ آهي انهن حملن سبب ڪيترائي فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن
اردن، عراق ۽ ترڪيه آمريڪي پرڏيهي وزير جي ڳالهه نه مڃي
انقره(م ڊ)آمريڪي پرڏيهي وزير انتوني بلنڪن چيو آهي ته آمريڪا غزه ۾ ڦاٿل شهرين تائين امداد پهچائڻ لاءِ جارحاڻي انداز ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. آمريڪي پرڏيهي وزير ترڪيه جي پرڏيهي وزير حقان فيدان سان انقره ۾ اڍائي ڪلاڪ ون ٽو ون ملاقات ڪئي، بلنڪن جاپان روانگي کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻُڌايو ته آمريڪا غزه ۾ مالي امداد پهچائڻ لاءِ تمام جارحاڻي انداز ۾ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ اسان وٽ اهو ڪرڻ لاءِ ٺوس طريقا موجود آهن. بي بي سي موجب فلسطين اشو تي اردن، ترڪيه ۽ عراق جي حڪمرانن آمريڪي پرڏيهي وزير جي ڳالهين تي گاهه ئي نه وڌو،کيس ناڪامي نصيب ٿي.