پ پ جا ماڻهو ليول پليئنگ فيلڊ تي نه پٽڪي بدران چونڊ ميدان ۾ اچن: مريم اورنگزيب

لاهور ( م ڊ ) مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته پيپلزپارٽي جا ماڻهو ليول پليئنگ فيلڊ تي نه روئن، اليڪشن جي ميدان ۾ اچن، هڪ طرف چون ٿا ليول پليئنگ فيلڊ ناهي ته ٻئي طرف چون ٿا ته ڪلين سوئيپ ڪنداسين. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو ته ن ليگ جي چونڊ مهم 21 آڪٽوبر تي شروع ٿي چڪي آهي. مريم اورنگزيب چيو ته پي ڊي ايم جو اتحاد اڄ به قائم آهي، ملڪي مسئلن جي حل لاءِ سڀني کي گڏ ٿيڻو آهي، سموريون پارٽيون ميدان ۾ لهي، اليڪشن جي تياري ڪن. ن ليگ جي ترجمان چيو ته جيڪڏهن ڪو ملڪ جون حالتون تبديل ڪري سگهي ٿو ته اهو نواز شريف آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.