اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) پنجاب جي ڪلر ڪهار واري علائقي ۾ مغل دور جي تاريخي باغ ۾ لاهور جڊيشل ڪامپليڪس تعمير ڪرڻ جو سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي. نامياري صحافي ظفر نقوي موجب ڪجهه عرصو اڳ لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس مغل دور جي ” باغ صفا “ جو دورو ڪيو هو. ان بعد حڪم ڏنو هو ته ان مغل دور جي تاريخي باغ صفا جي وچ ۾ لاهور جڊيشل ڪامپليڪس تعمير ڪيو وڃي جنهن بعد باغ ۾ وڻن جي واڍي ڪري تعميراتي ڪم شروع ڪيو ويو، اهڙي خبر سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس نوٽيس ورتو آهي. اميد ڪئي پئي وڃي ان تاريخي باغ کي اصل شڪل ۾ بحال ڪرڻ ۽ تعميراتي ڪم روڪڻ جا حڪم جاري ڪيا ويندا. ياد رهي ته اهو باغ ظهير الدين بابر تعمير ڪرايو هو. جنهن ڪري ان جي تاريخي اهميت آهي.