عمان (م ڊ) سعودي عرب غزه جي شهرين جي زبردستي لڏپلاڻ کي رد ڪيو آهي. ميڊيا رپورٽن مطابق سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان بن عبدالله عمان ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير بلنڪن سان اسرائيل جنگ جي خاتمي لاءِ عرب ڪوششن جي حوالي سان هڪ رابطا اجلاس دوران ڳالهائيندي چيو ته سعودي عرب غزه جي شهرين کي ڪنهن به طريقي سان نشانو بڻائڻ، انهن جي روز مره جي زندگي کي متاثر ڪرڻ ۽ بنيادي ڍانچي ۽ اهم مفادن کي متاثر ڪرڻ جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو.