حيدرآباد (رپورٽر)بزم روح رهاڻ پاران ولي رام ولڀ جي ياد ۾ تعزيتي گڏجاڻي ٿي گذري جنهن ۾ ولي رام ولڀ کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي ، ان موقعي تي پروفيسر ڊاڪٽر قاضي خادم چيو ته ولي رام ولڀ گهٽ ڳالهائيندڙ حساس طبيعت جو مالڪ هو،ولي رام ولڀ اسان کي ترقي پسند ادب پڙهايو ، انگريزي مان سنڌي ۾ ترجمو ايڏو آسان ناهي ، ناول ، ڪهاڻيون ۽ پرڏيهي شاعري کي متعارف ڪرائڻ ۾ ولي رام ولڀ جو اهم ڪردار آهي ، ولي رام ولڀ جي فرزند ڪمليشور لوهاڻو چيو ته ولي رام ولڀ ٻولي ۽ ادب سان ڪميٽيڊ هو، بابا هميشه چوندو هو ته لکڻ منهنجو جيئاپو آهي ، بابا ادب جو سرمايو هو، محقق شاهنواز مھيسر چيو ته ولي رام ولڀ ان دور ۾ ترجما تيزي سان ڪيا جڏهن سنڌي لکڻ پڙهڻ به مسئلو بڻجي ويو هو،لکڻ جي آزادي نه هئي ، منصور قادر جوڻيجو چيو ته مرزا قليچ بيگ کان پوءِ ترجمي ۾ ولي رام ولڀ جو اهم ڪردار آهي ، هو سنڌي ادب جو روشن سج هيو ، ولي رام جي پوٽيءَ سمرن راڻي چيو ڏاڏا عورتن جي حق جي ڳالھ ڪئي بزم روح رهاڻ جي سيڪريٽري جنرل واحد ڪانڌڙو چيو ته ولي رام ولڀ عالمي ادب جي تاريخ کان واقف هو، پرڏيهي ادب کي متعارف ڪرايائين بي لوث ڪردار هو ، ليکڪ هيمن چنداڻي چيو ته اسان روچي رام ۽ ولي رام ولڀ وارن کي پڙهي اسان ليکڪ بڻجي وياسين ، هنن سدائين انسانيت جي ڳالھ ڪئي ، ولي رام ولڀ کي هڪ هميشه ياد رکيو ويندو ،ليکڪ دريا خان پيرزادي،چيو ته اسان هڪ دور کي ياد ڪري رهيا آهيون ، چاچا خير محمد عاشق سولنگي چيو ته سنڌي سماج ، انسانيت ۽ انقلاب لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيائين ، جڏهن به انقلاب ايندو ته ولي رام ولڀ ستارن وانگر جرڪندي نظر ايندو ، لاڙڪاڻي کان آيل ڪامل امداد جتوئي چيو ته ولي رام ولڀ هڪ اداري جي حيثيت رکي ٿو ، ٽنڊي محمد خان جي شاعر نوشادر ڀٽيءَ چيو ته ولي رام ولڀ جون سنڌي ادب ۾ خدمتون هميشه ياد رهنديون