ڪوئيٽا ۾ 5 ڊاڪٽرن سميت 8 ڄڻا ڪانگو وائرس جو شڪار، هڪ ڊاڪٽر فوت

ڪوئيٽا ( م ڊ ) ڪوئيٽا سول اسپتال جي 5 ڊاڪٽرن سميت 8 ماڻهو ڪانگو وائرس جو شڪار ٿي ويا آهن.  8 مان 7 ڄڻن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ايئر ايمبولينس ذريعي ڪراچي جي خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو.ڪوئيٽا جي سول اسپتال، شيخ زيد اسپتال ۽ فاطمه جناح اسپتال ۾ آئسوليشن وارڊ قائم ڪيا ويا آهن.ڪانگو وائرس کان مريضن کي بچائڻ واري جنگ ۾ سول اسپتال ڪوئيٽا جو ڊاڪٽر پنهنجي زندگي هارائي ويٺو آهي، صحت کاتي جي ترجمان موجب ڊاڪٽر شڪورالله سميت 5 ڊاڪٽر سول اسپتال ڪوئيٽا ۾ مريضن جو علاج ڪرڻ دوران وائرس جو نشانو بڻيا ڊاڪٽر شڪورالله ڪانگو وائرس وگهي دم ڏنو، سميع ترين، سيد عثمان شاهه ۽ حاصل خان سميت ڪانگو وائرس سٽيل 7 ڄڻن کي ايئر ايمبولنس ذريعي ڪراچي منتقل ڪيو ويو،  ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ ڪانگو وائرس سٽيل ڊاڪٽرز ۽ ٻين جو علاج جاري آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.