ڪراچي (م ڊ) ورلڊ ڪپ ۾ ڏکڻ آفريقا جي ٽيم کي 243 رنسن تان شڪست ڏئي ڀارت مسلسل 8هين ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي، ورلڊ ڪپ جي 37 هين ميچ ۾ ڀارت هڪ طرفي مقابلي بعد ڏکڻ آفريقا کي 243 رنسن سان شڪست ڏئي ايونٽ ۾ لاڳيتو 8 ڀيرو ڪاميابي ماڻي ورتي آهي، ايڊن ڪارڊنز ڪولڪته ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڀارت ڏکڻ آفريقا خلاف ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، ڀارت مقرر 50 اوورز ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 326 رنسون ٺاهيون، ويرات ڪوهلي 101 رنسون ٺاهي نمايان رهيو، ان کانسواءِ شرياس ايئر 77 رنسن جي اننگز کيڏي جنهن ۾ 2 ڇڪا ۽ 7 چوڪا شامل هئا. ڪپتان روهت شرما 40، شبمن گل 23 ۽ سوريا ڪمار ياديو 22رنسون ٺاهيون، ڪي ايل راهول 8 رنسن تي آئون ٿيو جڏهن ته رويندرا جڊيجا 29 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيو، ڏکڻ آفريقا طرفان مارڪويانسن ،ڪگيسو رباڊا، ڪيشو مهاراج ۽ تبريز شمسي هڪ هڪ وڪيٽ ورتي، ڀارت جي 327 رنسن جي هدف جو پيو ڪندي ڏکڻ آفريقا جي بيٽنگ ناڪام رهي ۽ ڪو به بيٽر ڀارتي بالرن آڏو ڄمي ڪري نه کيڏي سگھيو، ڏکڻ آفريقا جي سڄي ٽيم 28 اوورن ۾ رڳو 83 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، مارڪو يانسن 14 ۽ وين ڊر ڊوسين 13 رنسن سان نمايان رهيا، ڪپتان ٽمبا باووما ۽ ڊيوڊ ملر 11،11 رنسون ٺاهيون جڏهن ته ايڊن مارڪرم 9 ۽ ڪيشو مهاراج 7 رنسون ٺاهي سگھيو. ڀارت طرفان رويندرا جڊيجا 5 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، محمد شامي ۽ ڪلديپ ياديو 2،2 وڪيٽون ورتيون جڏهن ته محمد سراج هڪ وڪيٽ ورتي. ويرات ڪولهي کي شانداربيٽنگ تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو، ڪوهلي ٽنڊولڪر جو ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ سينچرين جو رڪارڊ برابر ڪري ڇڏيو.