مانسهره ۾ پي ٽي آءِ کي جلسو ڪرڻ نه ڏنو ويو، اسٽيج پٽي وئي

مانسهره (م ڊ) مانسهره ۾ پي ٽي آءِ کي جلسو ڪرڻ نه ڏنو ويو، ڊپٽي ڪمشنر مانسهره تحريڪ انصاف جي ورڪرز ڪنوينشن جو اين او سي رد ڪري ڇڏيو جنهن کانپوءِ جلسي گاهه ۾ لڳايل پي ٽي آءِ جي اسٽيج کي پٽيو ويو، تحريڪ انصاف جي طرفان مانسهره ۾ ورڪرز ڪنوينيشن ڪوٺايو ويو هو، جنهن جي لاءِ ڊي پي او ۽ لاڳاپيل ٿاڻي کي درخواست ڏني وئي هئي، جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر اين او سي کي رد ڪري ڇڏيو، ڊي سي مانسهره موجب پي ٽي آءِ جي ورڪرز ڪنوينشن کي سيڪيورٽي جي خدشن سبب رد ڪيو ويو آهي، سٽي مانسهره ٿاڻي طرفان سڪيورٽي ڪليئرنس نه ڏني وئي هئي جنهن تي ڊي پي او مانسهره به تحريڪ انصاف سميت ڪنهن به جماعت کي جلسو نه ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.