اسلام آباد ( م ڊ ) سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين ميان رضا رباني چيو آهي ته نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد انتهائي ضروري آهي ۽ اليڪشن ڪميشن طرفان ڏنل تاريخ تي چونڊون ڪرايون وڃن. هڪ بيان ۾ رضا رباني چيو ته هو سڪيورٽي فورسز تي تازي دهشتگرد حملن جي مذمت ڪن ٿا. پيپلز پارٽي جي سينيٽر چيو ته 2023ع جي پهرين اڌ ۾ 271 حملن ۾ 389 ماڻهو مارجي ويا جڏهن ته 656 زخمي ٿيا، 2023ع جي باقي اڌ ۾ ڪا بهتري نظر نٿي اچي.رضا رباني چيو ته سڄي قوم سڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺي آهي، ايندڙ حڪومت دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ علائقائي حڪمت عملي جوڙي.