غزا ۾ اسرائيلي جنگي ڏوهه، چاڊ پنهنجو سفير واپس گهرائي ورتو

انجمينيا ( م ڊ) وچ آفريڪا جي ملڪ چاڊ، فلسطينين تي وحشياڻي بمباري جو الزام مڙهي، اسرائيل مان پنهنجو سفير واپس گهرائي ورتو آهي.   آمريڪي ميڊيا موجب غزا ۾ اسرائيل جي وحشياڻي بمباري ۽ هزارين بيگناهه شهرين جي شهيد ٿيڻ تي چاڊ پنهنجو سفير واپس گهرائي ورتو آهي. ان سلسلي ۾ چاڊ حڪومت هڪ بيان ۾ چيو آهي ته غزا ۾ جاري بربريت جي نتجي ۾ ڪيترائي شهرين ٿي چڪا آهن، جنهن جي هو مذمت ڪن ٿا. جاري  بيان م فوري جنگ بندي ۽ فلسطيني مسئلي جي مستقل حل جو مطالبو ڪيو ويو آهي ياد رهي ته اسرائيل جي جنگي ڏوهن ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٻار ۽ عورتون آهن. هوڏانهن ترڪي، هنڊوراس، چلي، ڪولمبيا، اردن ۽ بحرين به غزا ۾ فلسطينين تي ٿيندڙ ظلم جي مذمت ڪندي پنهنجا سفر واپس گهرائي ورتا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.