آمريڪا پاران غزا ۾ فوري طور جنگبندي وارو مطالبو رد

عمان(م ڊ) آمريڪي پرڏيهي وزير انتوني بلنڪن غزه ۾  فوري جنگ بندي واري اردن ۽ مصر جي مطالبي کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا رپورٽن مطابق عمان ۾ عرب پرڏيهي وزيرن جي اجلاس دوران اردن جي پرڏيهي وزير غزه ۾ امداد جي فوري ترسيل ۽ اسرائيل پاران فلسطينين جي بي دخلي روڪڻ جو مطالبو ڪيو مصر جي پرڏيهي وزير  بنا ڪنهن شڪ جي فوري طور تي جنگبندي جو مطالبو ڪيو ۽ اسرائيل تي عالمي انساني قانون جون ڀڃڪڙيون بند ڪرڻ لاءِ زور ڀريو. انٽوني بلنڪن چيو ته جنگ بندي سان حماس منظم ٿي ويندو ۽ ٻيهر اهو ڪم ڪندو جيڪو هن 7 آڪٽوبر تي ڪيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.