والاريل بيت المقدس(م ڊ) اسرائيلي حڪومت پاران غزا مان فلسطينين کي بيدخل ڪرڻ جو منصوبو منظر عام تي اچي ويو آهي، هڪ اسرائيلي ويب سائيٽ اسرائيلي دستاويزن ۾ انڪشاف ڪيو آهي.غزه مان فلسطينين کي ڪڍڻ جي سفارش اسرائيلي انٽيليجنس وزارت تيار ڪئي آهي، دستاويز ۾ 2.2 ملين فلسطينين کي غزه مان جبري طور مصر جي صحرائي علائقي سينا منتقل ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.اسرائيلي ويب سائيٽ جو چوڻ آهي ته تجويزن ۾ غزه جي آبادي جي مڪمل منتقلي شامل آهي، ان لاءِ عالمي برادري جي حمايت حاصل ڪئي وڃي، اسرائيلي انٽيليجنس وزارت پاليسي ريسرچ تحت حڪومتي ادارن کي تجويزون ڏئي ٿي.