غزا تي بمباري، وڌيڪ 270فلسطيني شهيد، اسرائيلي وزير پاران ايٽم بم ڪيرائڻ جي ڌمڪي

والاريل بيت المقدس (م ڊ) غزه جي المغازي پناهگير ڪيمپن تي اسرائيلي بمباري سبب 50 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا. فوت ٿي ويلن ۾ وڌيڪ تعداد عورتن ۽ ٻارن جو آهي.24 ڪلاڪن ۾ 270 فلسطيني شهيد ڪيا ويا هن  ٻڌايو ته 7 آڪٽوبر کان وٺي هن وقت تائين 9770 فلسطيني اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿي چڪا آهن جن ۾ اڪثريت عورتن ۽ ٻارن جي آهي،هوڏانهن اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو حماس پاران يرغمال بڻايل 240 کان وڌيڪ قيدين جي واپسي  تائين جنگ بندي کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي،آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن فلسطيني صدر محمود عباس سان ملاقات ڪئي هن چيو ته غزا جي رهواسين کي زبردستي بي گهر نه ڪرڻ گهرجي،محمود عباس چيو ته غزا ۾ فوري جنگ بندي جي ضرورت آهي، هوڏانهن غزا ۾ انٽرنيٽ سروس هڪ ڀيرو ٻيهر بند ڪئي وئي، گڏيل قومن چيو آهي ته غزا ۾ خوراڪ جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، عيسائين جي روحاني پيشوا پوپ فرانسس چيو ته غزا جي ٻارن جي باري ۾ سوچيو وڃي، صورتحال انتهائي سنگين آهي، ٻئي پاسي انتهاپسند اسرائيلي وزير اميچي الياهو جو چوڻ آهي ته غزا تي ايٽم بم ڪيرائڻ جو امڪان خارج نٿو ڪري سگهجي، فلسطينين کي آئر لينڊ يا ڪنهن ريگستان ۾ هليو وڃڻ گهرجي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.