سينيٽر مشتاق احمد فلسطينين جي مدد لاءِ مصر پهچي ويو

قاهره ( م ڊ ) جماعت اسلامي جو سينيٽر مشتاق احمد غزا جي فلسطينين جي مدد لاءِ مصر پهچي ويو. سينيٽر مشتاق احمد خان قاهره ۾ مصري هلال احمر جي سربراهه ڊاڪٽر رامي سان ملاقات ڪئي آهي. ان موقعي  تي سينيٽر مشتاق احمد چيو ته پاڪستان مان طب جي هر شعبي جا ڊاڪٽر غزا اچڻ لاءِ تيار آهن. مشتاق احمد چيو ته پاڪستاني قوم پاڪستاني فلاحي ادارن ذريعي فلسطينين جي ڊاڪٽرن، دوائن ۽ کاڌي پيتي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي. ڊاڪٽر رامي چيو ته غزا ۾ جنگ بندي جي سخت ضرورت آهي.

ڊيرا اسماعيل خان ۾ پوليس چيڪ پوسٽ حملو، دهشتگرد فرار

ڊي آءِ خان ( م ڊ ) ڊيرا اسماعيل خان ۾ ڪالاچي ٿاڻي جي حد ۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن حملو ڪيو. پوليس موجب سرشام ۾ اڻڄاتل دهشتگردن هٿيارن سان حملو ڪيو. پوليس موجب، پوليس پوسٽ جي اهلڪارن جي جوابي ڪارروائي ۾ دهشتگرد فرار ٿي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.