اسرائيل خلاف سڄي دنيا ۾ مظاهرا، وائيٽ هائوس آڏو”بائيڊن تون لڪي نه سگهندين“ جا نعرا

لنڊن/نيويارڪ(م ڊ) آمريڪي گاديءَ جو هنڌ فلسطين جي حامي نعرن سان گونجي ويو، جتي ”نه جنگبندي، نه ووٽ“ ۽ ”بائيڊن، تون لڪائي نه سگھندين“ جا نعرا ٻڌا ويا.مظاهرين غزه ۾ فوري طور تي جنگبندي جو  مطالبو ڪيو،وائيٽ هائوس آڏو فلسطين جي حمايت ۾ سڀ کان وڏو مظاهرو ڪيو ويو،.هڪ شخص بينجمن فرينڪلن جي مجسمي کي فلسطيني مفلر به پارائي ڇڏيو هوڏانهن انڊونيشيا جي راڄڌاني جڪارتا ۾فلسطينين سان يڪجهتي لاءِ احتجاج ڪندڙن جو سمنڊ اٿلي پيو. نيويارڪ، لنڊن، پيرس، برلن، اوسلو ۽ بيونس آئرس سميت دنيا جي مختلف راڄڌانين ۾ مظاهرا ڪيا ويا،لنڊن ۾ ٽئين ڏينهن به لکين ماڻهن احتجاجي ريلي ڪڍي،هوڏانهن اسرائيل ۾ هزارين ماڻهو پنهنجي ئي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن.والاريل بيت المقدس ۾ مظاهرين رڪاوٽون ٽوڙي نيتن ياهو جي رهائشگاهه تي پهچي ويا ۽ وزيراعظم جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو.جرمني ۾ هزارين شهرين فلسطينين جي حق ۽ غزه تي لڳاتار اسرائيل جي بمباري خلاف مظاهرو ڪيو. ميڊيا رپورٽن مطابق جرمن پوليس جي ترجمان صحافين کي ٻڌايو ته برلن جي روڊن تي فلسطينين جي حمايت ۾ نڪتل مظاهرين بلڪل پرامن هئا، ڪيترائي مظاهرو ڪندڙ پنهنجي ٻارن ۽ ڪٽنبن سان گڏ شريڪ ٿيا، جن غزه بچايو، فلسطينين جي نسل ڪشي بند ڪيو ۽ جنگبندي ڪيو جا نعرا لڳايا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.