فضل الرحمان جي حماس اڳواڻن سان ملاقات، فلسطين بابت ڳالهيون

دوحا ( م ڊ ) جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جي اڳواڻن اسماعيل  هانيا ۽ خالد مشعل سان ملاقات ڪئي آهي.  جي يو آءِ ترجمان اسلم غوري جو چوڻ آهي ته مولانا فضل الرحمان وفد سان گڏ قطر پهتو جتي حماس اڳواڻن سان ملاقات ۾ فلسطين مسئلي تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. مولانا فضل الرحمان سان ملاقات جي موقعي تي حماس جي سربراهه اسماعيل هانيا چيو ته اسرائيلي ظلمن خلاف متحد ٿيڻ امت مسلمه جو فرض آهي. حماس جي اڳواڻ خالد مشعل چيو آهي ته ڪشمير ۽ فلسطين تي ڊگهي عرصي کان ظلم انساني حقن جي دعويدارن جي منهن تي چماٽ آهي، مولانا فضل الرحمان پاڪستان ۾ فلسطين جي سفير جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ان موقعي تي مولانا فضل الرحمان چيو ته ترقي يافتا ملڪن جي دعويدارن جا هٿ معصوم ٻارن ۽ عورتن جي رت سان رنڱيل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.