پي ڊي ايم کي چيو هو ته عمران خان جي دشمني ۾ حد کان اڳتي نه وڌو: محمود اچڪزئي

ڪوئيٽا(م ڊ)پشتونخوا ملي عوامي پارٽي (پي ڪي ايم پي) جي چيئرمين محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته هن پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي دوستن کي چيو هو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين جي دشمني ۾ حد کان اڳتي نه وڃو.ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي محمود اچڪزئي چيو ته ملڪ ۾ ٽن سالن  کانپوءِ وزيراعظم کي جيل موڪليو ويندو آهي، مون پي ڊي ايم جي دوستن کي چيو ته توهان کاهيءَ ۾ ڪري رهيا آهيو،هن چيو ته نواز شريف کي پاڙيسري ملڪن سان سٺا لاڳاپا ڳالهائڻ جي سزا ڏني وئي. دنيا جا ملڪ پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپا قائم ڪري رهيا آهن، نواز شريف آئين تي بيٺو آهي، جيستائين ميان نواز شريف جمهوريت جي راهه تي قائم آهي، اسان ساڻس گڏ آهيون.هن چيو ته ملڪ ۾ عام چونڊن جو اعلان ٿي ويو آهي، ملڪ بحرانن ۾ آهي، سڀني کي گڏجي پاڪستان کي بچائڻو آهي، پاڪستان کي مصيبت مان ڪڍڻ لاءِ گول ميز ڪانفرنس سڏائڻ گهرجي.محمود خان اچڪزئي وڌيڪ چيو ته اسان چاليهه سالن کان پرڏيهين جي ميزباني ڪئي، غير قانوني پرڏيهين کي جيڪي سهولتون ڏنيون ويون اهي افغانستان ۾ به نٿيون ملن. اسان جي مفادن ملڪ کي تباهه ڪيو آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.