نوشهروفيروز ڀرسان بااثرن ٻارڙي جو لاش دفنائڻ نه ڏنو، وارثن جو احتجاجي ڌرڻو

نوشھرو فيروز (رپورٽ: عتيق الرحمان وسطڙو) نوشھرو فيروز ڀرسان ڳوٺ ڇٽل ڪلھڙو ۾ ھڪ سال جي اقصيٰ ڌيءَ عبدالغفار ڪلھوڙو جي معصوم نياڻي فوت ٿي وئي ، وارث لاش عارف شاهه مقام ۾ پورڻ لاءِ پھتا ته  پنھنجي ئي ذات وارن شاھن ڪلھوڙو، لطيف ڪلھوڙو ۽ عرفان ڪلھوڙو صديق ڪلھوڙو لاش دفنائڻ نه ڏنو، بااثرن چيو ته اسان مقام خريد ڪيو آھي،  لاش دفنائڻ نه ڏنو، ڳوٺاڻن غلام حيدر، عبدالغفار، صادق، صفدر، فتاح امين ۽ پنھل پاران لاش کڻي روڊ بلاڪ ڪري احتجاج  ڪندي وس وارن کي اپيل ڪئي ته فورن اسان جو مسئلو حل ڪيو وڃي، هنن چيو ته لاش 3 ڪلاڪن کان کڻي گهمي رهيا آهيون، معصوم نينگري جي لاش کي مقام ۾ نه دفنائڻ جو نوٽيس ڊي سي نوشھرو فيروز وٺندي ايس ايڇ او نوشھرو مختيارڪار ڀريا ڊي آءِ پي انچارج پھچي فوت ٿيل نينگري جي وارثن سان ڳالھيون ڪري لاش کي ٻئي مقام ۾ دفنايو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.