ڪراچي (رپورٽ : مهدي بلوچ) ڪراچي جي ڪلفٽن واري علائقي ۾ سيٺ جي فليٽ تي ڇاڇري واسي پورهيت مارو ميگهواڙ جو ڦاهو لڳل لاش هٿ اچڻ وارو معاملو، ميگهواڙ برادري طرفان واقعي کي قتل قرار ڏيندي ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو، ڪلفٽن واري علائقي مان مبينا ڦاهو کاڌل لاش هٿ اچڻ واري معاملي تي پورهيت مارو ميگهواڙ جي وارثن ۽ ميگهواڙ برادري پورهيت جي موت کي قتل قرار ڏيندي ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، مارو جي وارثن ۽ ميگهواڙ برادري جي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 31 آڪٽوبر تي مارو جو ڦاهو لڳل لاش ٽرينڊن بلڊنگ جي سرونٽ ڪوارٽر مان مليو، مارو سيٺ سنيل وٽ بورچي هو سيٺ سنيل مارو کي قتل ڪري واقعي کي خودڪشي جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، هنن چيو ته پوليس شفاف جاچ ڪرڻ بدران چئي ٿي ته مارو خودڪشي ڪئي آهي، هنن الزام لڳائيندي چيو ته سيٺ سنيل موڪل گهرڻ تي مارو تي تشدد ڪندو هو، مارو کي ڏياري جون موڪلون به نه ڏنيون، موڪلون نه ملڻ ۽ تشدد سبب مارو نوڪري ڇڏڻ چاهي پيو هن اهڙو اطلاع گهر وارن کي به ڏنو، 31 آڪٽوبر تي سيٺ سنيل ڪال ڪري اطلاع ڏنو ته مارو خودڪشي ڪئي آهي، مارو خودڪشي نه ٿو ڪري سگهي، پورهيت مارو کي قتل ڪيو ويو آهي. هنن وڏو وزير ۽ آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي سيٺ سنيل کي گرفتار ڪري سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي.