ڪراچي: آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني شهري طرفان آن لائن ايف آءِ آر داخل

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي جي ايسٽ زون ۾ آن لائن پوليس شڪايتي نظام جي شروعات کانپوءِ آمريڪا ۾ ويٺل پاڪستاني  شهري ڪيس داخل ڪرايو ، هي پهريون آن لائن ڪيس آهي جيڪو ڪنهن اوورسيز پاڪستاني جي شڪايت تي داخل ڪيو ويو آهي. ڊي آءِ جي ايسٽ غلام اظفر مهيسر موجب پاڪستاني شهري ڪامران جي ڪار گلشن جمال ۾ سندس گهر جي ٻاهران چوري ٿي وئي، جنهن کانپوءِ نيويارڪ شهر ۾ رهندڙ ڪامران پوليس کي آن لائن درخواست داخل ڪرائي. ڊي آءِ جي ايسٽ ٻڌايو ته واٽس اپ ڪمپلين سيل ۾ شهري ٻڌايو هو ته سندس ڪار چوري ٿي وئي آهي، جنهن تي ڪامران علي جي فرياد تي شاهراهه فيصل ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ بعد ڪارروائي به شروع ڪئي وئي آهي. اوورسيز پاڪستانين ان تي اطمينان ۽ خوشي جو اظهار ڪيو.

ڪراچي ۾ ننڍي مڪاني چونڊ دوران پ پ اميدوار ۽ جماعت اسلامي جي پولنگ ايجنٽ وچ ۾ ڏند چڪ

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي يوسي 3 ماڙيپور ۾ ننڍي مڪاني چونڊ جي پولنگ دوران پ  پ اميدوار ۽ جماعت اسلامي جي پولنگ ايجنٽ وچ ۾ ڏند چڪ ٿيا. پ پ اميدوار سيف الله پولنگ نمبر 10 ۾ داخل ٿيو ته جماعت اسلامي جي پولنگ ايجنٽ سخت احتجاج ڪيو. جماعت اسلامي جي پولنگ ايجنٽ چيو ته پ پ اميدوار ٻاهر نه نڪتو ته اسان پولنگ اسٽيشن بند ڪرائي ڇڏينداسين. ڇڪتاڻ تيز ٿيڻ بعد پوليس پ پ اميدوار کي پولنگ اسٽيشن مان ڪڍي ڇڏيو.

سيلز ٽيڪس جي مد ۾ اوڳاڙين جي شرح ۾  13 سيڪڙو اضافو

اسلام آباد(م ڊ) سيلز ٽيڪس جي مد ۾ وصولين جي شرح ۾ جاري مالي سال جي پهرين ٽه ماهي  دوران ساليانو بنيادن تي 13 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وزارت جي انگن اکرن موجب مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ سيلز ٽيڪس جي مد ۾ ايف بي آر کي 727 ارب روپيا مليا جيڪي گذريل مالي سال جي ساڳي مدي جي ڀيٽ ۾ 13 سيڪڙو وڌيڪ آهن. گذريل مالي سال دوران ان مدي ۾ سيلز ٽيڪس جي مد ۾ 642 ارب روپيا وصول هيا هئا

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.